بلوچستان: چاغي ۽ پنجگور ۾ سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروائيون، فتنه الهندستان جا 11 دهشتگرد ماريا ويا

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي مختلف ڪارروائين دوران 11 دهشتگرد مارجي ويا آهن.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، فورسز ”آپريشن ردالفتنه 3“ تحت بلوچستان ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروائيون ڪيون، جنهن دوران پنجگور ۽ چاغي ضلعن ۾ فتنه الھندوستان سان لاڳاپيل 11 دهشتگرد مارجي ويا.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، پنجگور جي علائقي گوارگو ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران 5 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته چاغي جي علائقن امين آباد ۽ سياهه چنگ ۾ آپريشن دوران 6 دهشتگرد ماريا ويا.
ذريعن موجب، چاغي جي علائقن امين آباد ۽ سياهه چنگ ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروائين دوران مارجي ويل دهشتگردن وٽان وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ بارودي مواد به هٿ ڪيو ويو آهي.

 

You might also like