ڪنهن ڦڏي ۾ نه پونداسين، نه ئي جنگ ۾ حصو وٺنداسين“، ڏکڻ ڪوريا جو آبناءِ هُرمُز ۾ فوج مقرر ڪرڻ کان کتو جواب

سيئول (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ ڪوريائي صدر لي جي ميونگ واضح ڪيو آهي ته سندس ملڪ آبناءِ هُرمُر ۾ پنهنجي فوج مقرر نه ڪندو.
جمعي ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ صدر لي چيو ته ”اها ڳالهه واضح ڪري ڇڏيان ته اهڙي ڪنهن به فوجي دستي جي مقرري نه ٿيندي، جنهن جي نتيجي ۾ اسان ڪنهن تڪرار ۾ شامل ٿي وڃون، اسان ڪنهن جنگ ۾ حصو نه وٺنداسين ۽ نه ئي ان ۾ ملوث ٿينداسين.“
واضح رهي ته ڏکڻ ڪوريا طرفان امڪاني طور آبناءِ هُرمُر ۾ فوجي دستا موڪلڻ خلاف ويجهڙائي وارن هفتن دوران سڄي ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرا پڻ ٿيا هئا.
صدر لي وڌيڪ چيو ته ڏکڻ ڪوريا پنهنجي واپاري سامونڊي جهازن ۽ تيل جي فراهمي جي رستن جي تحفظ لاءِ ضروري قدم کڻندو.

You might also like