پيٽرول تي رليف جو عملدرآمد جو پهريون مرحلو شروع، حڪومت پاران 25 ارب رپيا جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت وزيراعظم جي فيول رليف پروگرام جي پهرئين مهيني لاءِ 25 ارب رپيا اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان کي جاري ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته پيٽرول پمپس ۽ ڊيلرز کي اهل واهپيدارن جي دعوائن جي رقم 48 ڪلاڪن اندر ادا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
پيٽروليم واري وزارت موجب، پيٽروليم واري وزير علي پرويز ملڪ پيٽرول پمپس ۽ ڊيلرز جي نمائنده تنظيمن جي اجلاس ۾ ٻڌايو ته پروگرام لاءِ ٽن مهينن جا فنڊ مختص ڪيا ويا آهن، ته جيئن حقدار صارفين کي وقت سر رليف فراهم ڪري سگهجي.
اجلاس ۾ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ادائيگين ۽ رقم جي واپسي جي طريقيڪار بابت بريفنگ ڏيندي ڊيلرز کي يقين ڏياريو ته پروگرام تحت جمع ڪرايل دعوائن تي 48 ڪلاڪن اندر ڪارروائي مڪمل ڪئي ويندي.
ان موقعي تي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واي وزارت طرفان به پروگرام لاءِ تيار ڪيل ڊجيٽل نظام بابت بريفنگ ڏني وئي.
پيٽرول پمپس کي پيش ايندڙ مسئلن ۽ شڪايتن جي ترت ازالي لاءِ هڪ خاص ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو آهي، جتي ڊيلرز 9772 تي رابطو ڪري سگهن ٿا.
اجلاس ۾ اهل واهپيدارن جي سڃاڻپ ۽ شريڪ پيٽرول پمپس ذريعي رليف فراهم ڪرڻ جي طريقيڪار جو پڻ جائزو ورتو ويو.
ڊيلرز پروگرام تي عملدرآمد بابت مختلف سوال ۽ خدشا اٿاريا، جن جا اختيارين تفصيلي جواب ڏنا.
پيٽرول پمپ مالڪن ۽ ڊيلرز جي تنظيمن پروگرام جي آجيان ڪندي ان جي اثرائتي عملدرآمد لاءِ حڪومت سان مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي.
پيٽروليم واري وزير علي پرويز ملڪ چيو ته پروگرام جي شفاف ۽ اثرائتي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ ۽ ادائيگين ۾ دير کان بچڻ لاءِ پيٽروليم ڊويزن، اسٽيٽ بئنڪ، آءِ ٽي وزارت، لاڳاپيل ادارن ۽ ڊيلرز وچ ۾ مسلسل رابطي جو هجڻ ضروري آهي
.

You might also like