لاڙڪاڻو(بيورو+عوامي آواز نيوز) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ نون صوبن جي تجويزن کي رد ڪندي سنڌ جي ورهاڱي خلاف سنڌ اسيمبليءَ جي متفقه قرارداد جي منظوريءَ کان پوءِ نون صوبن ۽ انتظامي يونٽ ٺاهڻ بابت ريفرنڊم جي ڳالهين کي غيرآئيني قرار ڏيندي نون صوبن بابت سينيٽ يا قومي اسيمبليءَ مان امڪاني قرارداد منظور ٿيڻ جي صورت ۾ ٻيهر سنڌ اسيمبليءَ مان نون صوبن خلاف قرارداد منظور ڪري قومي اسيمبليءَ جي قرارداد کي رد ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اهڙو اعلان اربع ڏينهن پاڪستان پيپلز پارٽي لاڙڪاڻو ڊويزن پاران “سنڌ ڌرتي ماءُ آهي” جي عنوان هيٺ لاڙڪاڻي جي سچل بئنڪيوئيٽ۾ سيمينار ۾ اڳواڻن پاران خطاب ۽ قرارداد منظور ڪندي ڪيو ويو. سيمينار کي مهمان خصوصي طور خطاب ڪندي پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو ته سنڌ اسيمبليءَ مان نون صوبن خلاف قرارداد جي منظوريءَ کان پوءِ قومي اسيمبلي يا سينيٽ صوبائي اسيمبليءَ جي آئيني طور تي هن قرارداد کي ختم نه ٿي ڪري سگهي ڇاڪاڻ ته آئين طور اِهو اختيار صوبائي اسيمبليءَ کي آهي ته لاڳاپيل صوبي جي اسيمبلي 2 ڀاڱي 3 جي اڪثريت سان قرارداد منظور ڪري نون صوبن کي ٺاهي يا رد ڪري سگهي ٿي. جڏهن ته سنڌ اسيمبليءَ متفقه طور سنڌ جي ورهاڱي جي خلاف قرارداد منظور ڪري سنڌ ۾ نئين صوبي جي معاملي کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته نون صوبن بابت قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ بحث يا ريفرنڊم جي ڪائي به آئيني حيثيت نه هوندي. هن چيو ته سنڌ تي ميري نظر سان ڪو به ڏسندو ته سنڌ پنهنجو ڀرپور ردعمل ڏيندي. هن چيو ته عوام جي طاقت سان آمرن کي ڪالاباغ ٺاهڻ به نه ڏنو ته پوءِ هاڻي سنڌ جو ورهاڱو ٿيڻ به نه ڏينداسين،محسن نقوي کي ڪير به نٿو سڃاڻي پر هن کي اهميت ان ڪري ملي ڇو ته هن عاصم منير کي گهليو جنهن کي فيلڊ مارشل چيو وڃي ٿو،اسان ضيا ۽ مشرف کان ڊڄي فرار نه ٿياسين ته هي فيلڊ مارشل به اسان جو مقابلو نٿو ڪري سگهي،نام نهاد انقلابي پارٽي ڀڄي وئي جيڪي تعصبي هئا اهي به ڀڄي ويا،محسن نقوي فوج کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، هن چيو ته پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز طرفان جڏهن اِهو بيان ڏنو ويو ته کيس پاڙيسري صوبن کان خطرو آهي ته ڪي پي ڪي جي صوبائي اسيمبليءَ وزيراعليٰ پنجاب جي خلاف آرٽيڪل 6 لاڳو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، هتي ته نون صوبن کي رد ڪرڻ بابت صوبائي اسيمبليءَ جي قرارداد جي بيحرمتي ڪو ڪندو ته اسين به انهن خلاف آرٽيڪل 6 لاڳو ڪرڻ جي ڳالهه ڪنداسين ان جي ڪري ملڪ جي خلاف سازشون ڪرڻ بند ڪيون وڃن. هن چيو ته سنڌ تي جيڪڏهن اڃان به وڌيڪ يا خراب وقت آيو ته اسان جو هر ڪارڪن ۽ سنڌ جو ماڻهو روڊن تي هوندو. هن چيو ته وفاقي وزير سنڌ اسيمبليءَ جي منظوريءَ کان پوءِ نون صوبن جون ڳالهيون ڪري آئين جي بيحرمتي بند ڪن، سنڌ ڪڻڪ سميت گيس ۽ تيل پيدا ڪندڙ صوبو آهي پر سنڌ کي بدلي ۾ 50 سيڪڙو به حصو نه پيو ڏنو وڃي ۽ اسلام آباد ۾ ويهي سنڌ تي ظلم ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته سنڌ آمرن جو مقابلو ڪيو ۽ ڪو به فيلڊ مارشل سنڌ جو مقابلو نه ٿو ڪري سگهي ۽ فوج پاڪستان سرحدن جي حفاظت ڪري رهي آهي پر پوءِ فوج کي سياست ۾ ڌڪي ان جي عظمت کي ڇو تباهه ڪيو پيو وڃي. پيپلز پارٽي لاڙڪاڻو ڊويزن جي صدر ايم اين اي اعجاز جکراڻي چيو ته قائداعظم محمد علي جناح ملڪ ٺاهيو ته ان کي ٽٽل ايمبولينس ۾ علاج لاءِ زيارت موڪليو ويو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاهي تي چاڙهيو ويو ته وري آمر پرويز مشرف جي دور ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو اهي سڀ سانحا آمريت جي دورن ۾ ٿيا آهن ۽ آمريت جي دور ۾ ئي ملڪ جي تاريخ ۾ ڪنهن به وزيراعظم کي پنهنجو مدو پورو ڪرڻ نه ڏنو ويو. هن چيو ته ملڪ جي مسئلن جو حل جمهوريت ۾ آهي، سنڌ هڪ آهي ۽ هڪ رهندي ۽ اسان ڪڏهن به سنڌ کي ٽٽڻ نه ڏينداسين. ايم اين اي نفيسه شاهه چيو ته سنڌ ئي هر آئيني فورم تي سنڌ جي وحدت جو ڪيس وڙهيو آهي، جيڪي انتظامي يونٽن جي ڳالهه ڪن پيا انهن کي خبر هئڻ گهرجي ته ڊويزنن، ضلعن سميت هيٺين سطح تي انتظامي يونٽ موجود آهن ان لاءِ انتظامي يونٽن جو بحث ئي فضول آهي جيڪي ڪرڪيٽ نه ٿا سنڀالي سگهن ۽ امن امان بهتر نه ٿا ڪري سگهن اهي ملڪ ۾ نون صوبن جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جون حالتون سڀني جي سامهون آهن ان وزير ڪڏهن به امن امان تي پارليامينٽ ۾ نه ڳالهايو آهي. هن چيو ته هاڻي صوبن جي پئسن تي نظر اٿن ۽ سنڌ اين ايف سي جو تحفظ ڪيو آهي، ڪرايي جا بجلي گهر هلائڻ ۽ لاهور ۾ اورينج لائين قرض ورتا ويا آهن ته اهي قرض صوبا ڇو لاهن ۽ صوبن اهو قرض لاهڻ جو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي. هن چيو ته ملڪ کي آئين تحت هلايو وڃي ۽ صوبن کي آئيني حق ڏنا وڃن.سينيٽر بئريسٽر ضمير گهمرو چيو ته ون يونٽ جي تجربي کان پوءِ شهيد ڀٽو 1973ع جي آئين ۾ اِهو نقطو شامل ڪيو ته جيسيتائين صوبائي اسيمبليون 2 ڀاڱي 3 جي اڪثريت سان قرارداد منظور نه ڪنديون تيسيتائين نئون صوبو نه ٺهندو ۽ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ آئيني طور صوبائي اسيمبليءَ جي منظور ڪيل قرارداد تي عمل ڪرڻ جون پابند آهن. هن چيو ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ کي نوان صوبا ٺاهڻ جو ڪو به اختيار ڪونهي ۽ جيڪڏهن قومي اسيمبليءَ يا سينيٽ ۾ نون صوبن بابت بحث يا ريفرنڊم ڪرايو ويو ته ان جي ڪائي به آئيني حيثيت نه هوندي هن چيو ته صوبن کي اين ايف سي ۾ وڌيڪ حصو ڏيڻ جي دعويٰ غلط ڪئي پئي وڃي ڇاڪاڻ ته وفاق جي آمدني 20 هزار ارب آهي ته وفاق جو خرچ 19 هزار ارب آهي ۽ وفاق صوبن کي 20 هزار ارب مان ساڍا 5 هزار ارب ڏئي رهيو آهي جنهن مان به گرانٽ جي صورت ۾ اڍائي اڍائي سئو ارب صوبن کان ورتا پيا وڃن. هن چيو ته 3 هزار ارب سنڌ مان تيل ۽ گيس جي مد ۾ وفاق کڻي رهيو آهي ۽ سنڌ کي اڌ حصو به نه پيو ڏنو وڃي. ايم پي اي جميل احمد سومرو چيو ته لاهور ۽ اسلام آباد ۾ ويٺل پڙهيل لکيل جاهلن کي سنڌ جي تاريخ جي خبر ئي ناهي سنڌ کي ممبئي پريزيڊنسي مان آزاد ڪرائي سنڌ کي صوبي جي حيثيت ڏياري ۽ جڏهن 1947ع ۾ ملڪ ٺهيو ته سنڌ اسيمبليءَ ئي ملڪ ٺاهڻ جي قراراداد منظور ڪئي ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو چيو ته سنڌ ملڪ ٺاهيو ۽ سنڌ کي ڪنهن به صورت ٽوڙڻ نه ڏينداسين آئين جي آرٽيڪل 239 جي شق 4 کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته سنڌ ۾ به حالتون بلوچستان کان خراب ٿينديون. گل محمد جکراڻي چيو ته صوبا خودمختيار آهن ان لاءِ صوبن کي ٽوڙڻ وارا اِهي ڪير ٿيندا آهن، سيمينار کي پيپلز پارٽي لاڙڪاڻو ڊويزن جي جنرل سيڪريٽري عبدالفتاح ڀٽو، خيرمحمد شيخ ۽ ٻين خطاب ڪيو.