لنڊن(انيق ناجي)هن وقت دنيا جي سڀ کان وڏي پريشاني مصنوعي ذهانت بمقابله انسانيت آهي،. چاهي اهو ڪلاڊ جو چيف هجي، نيورالنڪ ، چيٽ جي پي ٽي يا اينٿروپڪ جو سربراهه هجي، جيڪي سڀ کان وڏيون ڪمپنيون آهن اهي سڀ سربراهه گڏجي هڪدم ٻڌائي رهيا آهن ته مصنوعي ذهانت انسانيت کي ختم ڪري سگهي ٿي پاڪستاني ٽي وي چينلن کان سواءِ سڄي دنيا ۾ ان تي بحث ٿي رهيو آهي. مثال طور هالينڊ، جرمني ۽ فرانس پاران پنهنجا سون جا ذخيرا آمريڪا ۽ ڪئناڊا مان کڻي واپس آڻڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن. برطانيه اوچتو فرانس ۽ ڪئناڊا سان ملي وچ اوڀر ۾ اسرائيل خلاف موقف وٺي رهيو آهي. هي دنيا ۾ طاقت جي منتقل ٿيڻ جو عمل آهي. دنيا ۾ هن وقت وڏي تبديلي اچي رهي آهي، معاشي بحران ۽ بيروزگاري جو طوفان پاڪستان ۾ وڌيڪ اچي ويو ته ان لاءِ اسان جي تياري ڇا آهي؟ اسان ته هتي نان اشوز ۾ آهيون، عمران خان ۽ ڪجهہ فردن جي انا جو مسئلو آهي ۽ اسان پاڻ ۾ ملڻ لاءِ تيار ناهيون.اسان وٽ الميو اهو آهي ته اسٽيبلشمينٽ پهرين هڪ ديوتا ٺاهيندي آهي،پهرين ذوالفقار علي ڀٽو کي ديوتا ٺاهيو، ان کان پوءِ نواز شريف کي ديوتا ٺاهيو. جڏهن به رياست عوامي معاملن ۽ مقبول سياست ۾ مداخلت ڪندي آهي ته پهرين هڪ ديوتا بيھاري ڇڏيندي آهي. جڏهن اهو بيهجي ويندو آهي ته پوءِ ان ديوتا کي ٻيهر واپس انسان بڻائڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويندي آهي، جيڪو پوءِ ان جي وس ۾ ناهي رهندو. عمران خان هن وقت هڪ اهڙي سياسي مقام تي پهچي چڪو آهي جتي ڪو به سياستدان پهچڻ جي اميد ڪري سگهي ٿو. هن وقت عمران خان هاڻي هڪ افسانوي ڪردار بڻجي چڪو آهي. ٻئي طرف معاملو هي آهي ته اي آءِ بڻائڻ وارا ماڻهو هاڻي سپر انٽيليجنس جي تصور کان خوف ۽ صدمي ۾ آهن، انهن جو حال بڇڙو آهي. انهن جون وڊيوز ڪڍي ڏسو جيڪي انٽيليجنس اهي ڏئي رهيا آهن، چاهي اهو رائٽرز هجي، سي اين اين هجي، بي بي سي هجي، اسڪائي نيوز هجي يا وڏا پوڊڪاسٽس هجن توهان انهن کي ڏسندا ته لڳندو ته اهي روئي پوندا. يعني جنهن طريقي سان اهي ڊڄي ڳالهائي رهيا آهن.هاڻي اي آءِ فيصلو ڪندي ته توهان جو ڪهڙو سچ آهي جيڪو ماڻهن جي سامھون اچڻ گهرجي ۽ ڪهڙو نه اچڻ گهرجي. ڪهڙيون شيون توهان جي گهر وارن کي توهان بابت خبر هجڻ گهرجن، توهان جي دوستن بابت توهان کي ڪهڙيون ڳالهيون خبر هجڻ گهرجن ۽ توهان جي دوستن کي توهان جون ڪهڙيون ڳالهيون خبر هجڻ گهرجن. ان کان پوءِ بائيو ڪيميڪل حملا آهن،اي آءِ ڪهڙي قسم جا نوان وائرس پيدا ڪرڻ تي قادر ٿي ويندي، اهو انسان جي وس کان ٻاهر آهي، اهو معلوم نٿو ڪري سگهجي. ان کان پوءِ اها سپر انٽيليجنس انسان جي ڪمانڊ ۾ رهندي، ان جي ڪا ضمانت ناهي.ان ڊوڙ ۾ پهرين چين تي دٻاءُ وڌو ويو،چين جي طرفان سرڪاري ردعمل آيو ته اسان پنهنجي اي آءِ کي وڌائينداسين. ڏکڻ ڪوريا پنهنجي هر شهريءَ لاءِ لامحدود اي آءِ جي استعمال جي اجازت ڏئي ڇڏي، هاڻي چين جي ڳجهي ايجنسي جو سربراهه به ڳڻتي ۾ آهي، اهو چئي رهيو آهي ته اي آءِ ڪميونسٽ پارٽي جي حڪمرانيءَ لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿي.ٻئي پاسي چين مان انسان نما روبوٽ بڻجي ايندا، ته فيڪٽرين ورڪشاپن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهو ڪيڏانهن ويندا؟ هر شعبي ۾ بيروزگاري جي نئين لهر اچڻ واري آهي،ٻئي پاسي جرمنيءَ جو چانسلر اسرائيل کان پري ٿي ويو آهي، امڪاني معاشي بحران جي نتيجي ۾ جرمني آمريڪا مان سوين ٽن سون واپس کڻي آيو آهي،مستقبل ۾ جيڪڏهن بئنڪون ختم ٿي ويون ته سون هڪ اهڙي واحد شئي بچي ٿي جنهن کي ڏئي توهان پنهنجي کائڻ پيئڻ جو انتظام ڪري سگهو ٿا.اهي غير معمولي جھٽڪا پوري دنيا سان ٽڪرائڻ وارا آهن. پاڪستان ڪيئن محفوظ رهندو؟ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سياسي ديوتا عمران خان کي جيل مان ڪڍي ان جو فائدو ورتو وڃي،پاڪستان هن وقت سنگين بحرانن ۾ ڦاٿل آهي،مقبول قيادت ئي مسئلا حل ڪري سگهي ٿي