حوثين جا مڪي پاڪ سميت سعودي عرب تي حملا

رياض/صنعا (ع آ نيوز) يمن ۾ ايراني حمايت يافته حوثي باثين دعويٰ ڪئي آهي ته هنن سعودي عرب ۾ آرامڪو جي ٿاڪن ۽ خميس مشيط ايئربيس خلاف ٻه الڳ الڳ فوجي ڪارروائيون ڪيون آهن. اربع ڏينهن  يمن جي راڄڌاني صنعا مان جاري ڪيل حوثي باغين جي هٿياربند فوج پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ” تازيون ڪارروائيون يمن خلاف سعودي قيادت ۾ جاري فوجي مهم ۽ ناڪابندي جي جواب ۾ ڪيون ويون آهن.“ بيان موجب، پهرين ڪارروائي ۾ ينبع ۾ قائم سعودي آرامڪو جي انفرااسٽرڪچر کي بيلسٽڪ ميزائلن ۽ ڊرونز ذريعي نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته ٻي ڪارروائي ۾ خميس مشيط ايئربيس تي بيلسٽڪ ميزائل فائر ڪيا ويا. حوثين پنهنجي بيان ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته ٻنهي حملن ۾ هدفن کي سڌو نشانو بڻايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ وڏي پئماني تي نقصان ٿيو.بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته يمن جون هٿياربند فوجون سعودي عرب اندر هدفن خلاف ڪارروائيون جاري رکنديون ۽ اهو سلسلو ان وقت تائين جاري رهندو، جيستائين يمن خلاف فوجي ڪارروائيون ۽ ناڪابندي ختم نه ٿيندي. ياد رهي ته يمن جي عالمي سطح تي تسليم ٿيل حڪومت لاءِ قائم فوجي اتحاد جي ترجمان ميجر جنرل ترڪي المالڪي پنهنجي هڪ بيان ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته سعودي عرب جي فضائي دفاعي فوج يمني حوثين طرفان فائر ڪيل ڊرون کي مڪي جي هوائي حدن ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ روڪي تباهه ڪري ڇڏيو. ٻئي پاسي برطانوي خابرو اداري رائٽرز موجب، حوثين جي هڪ عهديدار محمد الفرح مڪي کي نشانو بڻائڻ واري دعويٰ جي ترديد ڪندي ان الزام کي ”کليل ڪوڙ“ قرار ڏنو آهي.هوڏانهن اسلامي سهڪار تنظيم (او آءِ سي) مڪي ۽ مديني ريجن تي حوثين جي مبينا حملن ۽ سعودي عرب خلاف اڳرائيءَ جي مذمت ڪئي آهي. او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽريٽ پاران ”ايڪس“ تي جاري ڪيل بيان ۾ الزام لڳايو ويو آهي ته ”انهن حملن سبب بيگناهه شهري ڊنل آهن، مقدس هنڌن ۽ مسجدن جو تقدس پامال ٿيو ۽ سڄي دنيا جي مسلمانن جا جذبا مجروح ٿيا.“او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽريٽ جي بيان ۾ چيو ويو ته ”مقدس هنڌن، مسجدن ۽ شهري ٿاڪن خلاف حوثين جون ڪارروايون اهڙي دهشتگردي آهن، جيڪا اسلامي قدرن، عالمي اصولن ۽ قانون جي ابتڙ آهي.“

You might also like