مريم نواز خلاف جهاز اسڪينڊل

اسلام آباد( فياض ولانا)ڪي پي جي وڏي وزير سهيل آفريدي لاهور جو ميلو لٽي ورتو،پي ٽي آءِ لاءِ لاهورين ۾ جوش ۽ جذبو برقرار آهي، پنجاب پوليس جي رڪاوٽن باوجود ماڻهو ٻاهر نڪتا،  وزيرآباد ۾ هن تي قاتلاڻي حملي جي ڪوشش ٿي، ٻئي پاسي مريم نواز جي جهاز جو اشو ڇانيل آهي،اينڪر منصور علي خان سوال اٿاري رهيو آهي ته مريم نواز سرڪاري جهاز ۾ پنهنجي نجي دوري تي لنڊن ڇو وئي ۽ رسيدون ڪٿي آهن؟’منصور علي خان چيو ته "مون کي توهان مون کي توهان ڇڏي ڏيو توهان ڪامران خان کي جواب ڏيو، توهان حامد مير کي جواب ڏيو، توهان محمد مالڪ کي جواب ڏيو!خاص طور ڪامران خان جي نالي تي منصور علي خان مرڪي ٻڌائي رهيو هو ته "جڏهن ڪامران خان ڪنهن جي خلاف ٻولڻ شروع ڪري ڏئي ته ان جو مطلب هوندو آهي ته ‘وڏي گهر وارا’ توهان مان ناراض ٿي چڪا آهن،جڏهن ته جماعت اسلامي جو امير حافظ نعيم الرحمان به چئي رهيو آهي ته جڏهن آئي ايم ايف چوي ٿو ته خرچ گھٽ ڪريو، ته پوءِ 11 ارب جو جهاز وٺي ڇڏيو ٿا، ٻاهريان ٻه پائلٽ رکيا اٿئو، ان جو سال جو ٻارڻ (فيول) جو 75 ڪروڙ خرچ آهي، اسان مطالبو ڪريون ٿا ته مريم جهاز ڪيس جو فارنزڪ آڊٽ ڪيو وڃي.ليگي وزير حذيفه رحمان هڪ ٽيليويزن چينل تي چئي رهيو هو ته "اسان ڇو جواب ڏيون؟هن جو لهجو به مريم اورنگزيب وارو آهي؟ ٻئي پاسي  گورنر ڪي پي ڪي فيصل ڪريم ڪنڊي، مسلم ليگ ن جي ڪي پي ڪي جي سربراهه امير مقام ۽ رانا ثناءُ الله جي ملاقات ٿي. ان ملاقات بعد شهباز شريف پنهنجي قانوني ٽيم کي خيبر پختونخواهه ۾ گورنر راڄ لڳائڻ بابت متحرڪ ڪيو آهي. خبر هيءَ آهي ته 27 سيپٽمبر کان پهرين ڪي پي ڪي ۾ گورنر راڄ لڳايو ويندو، ۽ ان بعد آئيني عدالت مان ان جي تصديق به ڪرائي ويندي.جڏهن ته ‘دي گارڊين’ کي انٽرويو ۾ عمران خان جي پٽن سليمان خان ۽ قاسم خان نيازيءَ چيو  آهي ته اهي پنهنجي والد جي صحت بابت گهري ڳڻتي جو اظهار ڪن ٿا، ۽ جيل ۾ هن سان ذهني ۽ جسماني تشدد ٿي رهيو آهي

You might also like