ٽڪراءُ نٿا چاهيون،آئيني عدالت کي رڳو آئين جي تشريح جو اختيار آهي

اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ جي باني عمران خان کي علاج لاءِ شفا انٽرنيشنل اسپتال منتقل ڪرڻ ۽ عدالتي حڪم تي عمل نه ڪرڻ بابت توهين عدالت جي درخواستن تي ٻڌڻي ٿي. جسٽس شاهد وحيد جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽن رڪني بئنچ واضح ڪيو آهي ته عمران خان کي شفا انٽرنيشنل اسپتال منتقل ڪرڻ بابت سپريم ڪورٽ جو حڪم اڃا تائين برقرار ۽ نافذ آهي.ٻڌڻي جي شروعات تي پنجاب حڪومت، وفاقي حڪومت يا اڊيالا جيل جي سپرنٽنڊنٽ طرفان ڪو به سرڪاري نمائندو يا آفيسر عدالت ۾ پيش نه ٿيو. آفيسرن جي غيرحاضري تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اٽارني جنرل منصور عثمان اعوان کي فوري طور طلب ڪري ورتو ۽ سندس اچڻ تائين ٻڌڻي ۾ عارضي وقفو ڪيو ويو.وقفي کان پوءِ ٻڌڻي ٻيهر شروع ٿي ته ايڊيشنل اٽارني جنرل رانا اسد عدالت کي ٻڌايو ته گذريل ڏينهن وفاقي آئيني عدالت هن ڪيس جي فائل سپريم ڪورٽ کان پاڻ وٽ گهرائڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي.عدالت ايڊيشنل اٽارني جنرل جي درخواست تي اٽارني جنرل منصور عثمان اعوان کي چيمبرز ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي. اٽارني جنرل جي بئنچ آڏو پيش ٿيڻ کان پوءِ جسٽس شاهد وحيد آئيني اختيار ۽ ٻنهي اعليٰ عدالتن جي آئيني حدن بابت سوال اٿاريا.جسٽس شاهد وحيد پڇيو ته ڇا سپريم ڪورٽ وفاقي آئيني عدالت جي حڪم تي عمل ڪرڻ جي پابند آهي؟ اسان آئين جي اصل منشا ۽ عدليا جي باهمي احترام کي سمجهڻ چاهيون ٿا.هن چيو ته آئيني عدالت چوي ٿي ته اها بنيادي حقن وارن ڪيسن جو تعين ڪندي، پر شفاف ٽرائل سميت بنيادي حقن جو معاملو ته هر فوجداري ڪيس ۾ سامهون اچي ٿو. وفاقي آئيني عدالت جو ڪم رڳو آئين جي تشريح ڪرڻ آهي، جڏهن ته ان کانسواءِ ٻين سمورن عدالتي ۽ انتظامي معاملن جو اختيار سپريم ڪورٽ وٽ آهي.جسٽس شاهد وحيد پڇيو ته آئين ۾ آخر ڪٿي لکيل آهي ته وفاقي آئيني عدالت سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ ڪيس جي فائل به پاڻ وٽ گهرائي سگهي ٿي؟سپريم ڪورٽ عمران خان کي شفا اسپتال منتقل ڪرڻ واري پنهنجي عدالتي فيصلي تي عمل نه ٿيڻ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو.جسٽس شاهد وحيد ريمارڪس ڏنا ته عمران خان سرڪاري اسپتال ۾ هوندو يا خانگي اسپتال ۾، هن نقطي کي هن وقت هڪ پاسي رکي ڇڏيو. اصل سوال اهو آهي ته ڇا سپريم ڪورٽ جي حڪم جي باقي حصن تي عمل ٿي رهيو آهي؟هن پڇيو ته ڇا عمران خان جون ملاقاتون ٿي رهيون آهن ۽ ڇا کيس سندس ٻارن سان ڳالهائڻ ڏنو ويو آهي؟سپريم ڪورٽ جي بئنچ ريمارڪس ڏنا ته اڊيالا جيل انتظاميا کي اڄ ذاتي حيثيت ۾ عدالت طلب ڪيو ويو هو، پر ڪو به آفيسر پيش نه ٿيو، جيڪا سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي کليل خلاف ورزي آهي.عدالت پڇيو ته ڇا اڊيالا جيل جي سپرنٽنڊنٽ جي غيرحاضري تي سندس گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيون؟بئنچ ٻيهر واضح ڪيو ته عمران خان کي اسپتال منتقل ڪرڻ بابت سپريم ڪورٽ جو جاري ڪيل حڪم پنهنجي جاءِ تي اڃا تائين نافذ ۽ برقرار آهي.بعد ۾ عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي ٽن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like