نانا پاٽيڪر جي سخاوت، اداڪار ڏيڍ ڪروڙ جي گاڏي وٺڻ بدران سموري رقم هارين ۾ ورهائي ڇڏيائين

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ليجنڊري اداڪار نانا پاٽيڪر جي سخاوت بابت هڪ اهڙو واقعو سامهون آيو آهي، جنهن مداحن جون دليون کٽي ورتيون آهن.
ڀارتي ليکڪ رنبير پشپ تازو ئي هڪ انٽرويو دوران نانا پاٽيڪر سان گڏ ڪم ڪرڻ جي تجربي بابت ڳالهائيندي سندس سخاوت جو واقعو بيان ڪيو.
هن ٻڌايو ته هڪ ڏينهن نانا پاٽيڪر خبرون ٻڌي رهيو هو، ان دوران سندس نظر اهڙن خاندانن تي پئي، جيڪي هارين جي خودڪشين کانپوءِ سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا هئا، جڏهن ته اداڪار ٻئي ڏينهن اٽڪل ڏيڍ ڪروڙ ڀارتي رپين جي ماليت واري گاڏي خريد ڪرڻ وارو هو.
رنبير پشپ وڌيڪ ٻڌايو ته متاثر خاندانن جي حالت ڏسڻ کانپوءِ اداڪار گاڏي خريد ڪرڻ بدران اها رقم متاثر خاندانن ۾ ورهائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پوءِ پنهنجي هڪ ساٿي فنڪار کي فون ڪري 15، 15 هزار رپين جا چيڪ تيار ڪرائي متاثر خاندانن ۾ ورهائڻ جي هدايت ڪئي.
هن ٻڌايو ته نانا پاٽيڪر ان کانپوءِ هڪ ”نام“ فائونڊيشن پڻ قائم ڪئي، جنهن ذريعي هارين ۽ ضرورتمند خاندانن جي مدد لاءِ فنڊ گڏ ڪيا ويا.

You might also like