ڪيپ ٽائون (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪا جي اڳوڻي فاسٽ بالر ايلن ڊونلڊ آسٽريلوي ٽيم جي تازي ڪارڪردگي تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته ڪينگروز جي ٽيم هاڻي اُها ناهي رهي، جنهن کان مخالف ٽيمون ڊڄنديون هيون، آسٽريلوي ڪرڪيٽ جو دٻدٻو هاڻي ختم ٿي ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب، اڳوڻي فاسٽ بالر ايلن ڊونلڊ عالمي ڪرڪيٽ ۾ آسٽريليا جي حڪمراني ۽ مخالف ٽيمن تي ان جي ڊپ بابت انتهائي ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا.
ايلن ڊونلڊ هڪ انٽرويو ۾ چيو ته آسٽريلوي ٽيم کي هاڻي اهو ڊپ، رعب ۽ دٻدٻو حاصل ناهي، جيڪو 1990ع ۽ 2000ع جي ڏهاڪن ۾ هوندو هو.
هن چيو ته مخالف ٽيمون هاڻي آسٽريليا خلاف ميدان ۾ لهڻ وقت ڊڄنديون ناهن.
اڳوڻي ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽر نشاندهي ڪئي ته هوم اينڊ اوي سيريز ۾ ڀارت جي مسلسل ڪاميابين ۽ بارڊر-گواسڪر ٽرافي ۾ شڪست آسٽريليا جو تڪبر مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو، جڏهن ته انگلينڊ ۽ ٻين ٽيمن به آسٽريليا خلاف جارحاڻي حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي.
ايلن ڊونلڊ موجب، آسٽريلوي رانديگرن جي اها روايتي جارحاڻي باڊي لينگويج ۽ مخالف کي ذهني طور مفلوج ڪرڻ واري صلاحيت هاڻي ڦڪي پئجي وئي آهي ۽ عالمي ڪرڪيٽ ۾ ٻيون ٽيمون به آسٽريليا جي بلڪل برابر اچي بيٺيون آهن.
You might also like