پيپلز پارٽي ڪڏهن به سنڌ جو سودو نه ڪندي، صوبن کان ڪينالن تائين هر معاملي ۾ عوام سان گڏ آهيون: منظور وساڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ منظور حسين وساڻ چيو آهي ته فيصلا ڪندڙ عقل کان ڪم وٺن ۽ سنڌ ۾ بلوچستان جهڙيون حالتون پيدا نه ڪن.
هن بيان ۾ هن سنڌ ۾ نون صوبن جي قيام واري تجويز کي رد ڪندي چيو ته اهڙو ڪو به فيصلو قبول نه ڪيو ويندو.
منظور وساڻ چيو ته ملڪ ۾ اڳ ئي بحران وڌي چڪو آهي، تنهنڪري صورتحال کي وڌيڪ بحران ڏانهن نه ڌڪيو وڃي. صوبن جو معاملو هجي يا ڪينالن جو، پاڪستان پيپلزپارٽي جي قيادت ڪڏهن به سنڌ جو سودو نه ڪندي.
هن چيو ته پيپلزپارٽي جي سموري قيادت سنڌ جي عوام سان گڏ بيٺل آهي ۽ صوبي جي مفادن جي تحفظ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي.

You might also like