آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٽياڪڙي لاءِ پاڪستان سرگرم ۽ سمورن ڌرين سان رابطي ۾ آهي: ڊي جي آءِ ايس پي آر
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٽياڪڙي لاءِ پاڪستان سمورن ڌرين سان رابطي ۾ آهي، جيئن هن ڏکي صورتحال جو حل ڳالهين ذريعي ڳولي سگهجي.
”العربيه انگلش“ کي انٽرويو ڏيندي پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته هن معاملي ۾ پاڪستان جو ڪردار هڪ غيرجانبدار ۽ ديانتدار سهولتڪار جو آهي.
هن چيو ته پاڪستان خطي ۽ ان کان ٻاهر امن جو حامي آهي ۽ انڪري ئي تهران ۽ واشنگٽن وچ ۾ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري کان پڇيو ويو ته ٽياڪڙي جي ڪوششن ۾ ڪهڙي اڳڀرائي ٿي آهي؟
جنهن تي هن جواب ڏيندي چيو ته ڪيترن ئي ڏهاڪن کان هلندڙ ۽ پيچيده تڪرارن ۾ ٽياڪڙ جو ڪردار غيرجانبدار ۽ معروضي رهڻ هوندو آهي، تنهن ڪري پاڪستان ٽياڪڙ طور جاري رابطن يا امڪاني اڳڀرائي بابت تبصرو نه ڪندو.
کانئس پڇيو ويو ته پاڪستان اهڙو ڇا ڪري سگهي ٿو، جيڪو ٻيا ٽياڪڙ نه ڪري سگهيا، ان تي پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ ٻين ٽياڪڙن جو مقصد هڪ ئي آهي، يعني پائيدار ۽ پرامن حل.
هن چيو ته پاڪستان جا آمريڪا ۽ ايران ٻنهي سان ڊگهي عرصي کان لاڳاپا آهن، جڏهن ته هن تڪرار ۾ پاڪستان جي قيادت جو ڪو ذاتي مفاد به ناهي.
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته آمريڪا، ايران، چين ۽ ٻين ملڪن سان پاڪستان جا لاڳاپا ميرٽ ۽ گڏيل مفادن جي بنياد تي قائم آهن.
افغان سرزمين پاڪستان خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال نه ٿيڻ گهرجي: فوجي ترجمان
افغانستان بابت ڳالهائيندي احمد شريف چوڌري چيو ته پاڪستان جي پهرين ترجيح اها آهي ته افغان سرزمين پاڪستان خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال نه ٿئي.
سندس چوڻ هو ته افغانستان جي طالبان حڪومت بابت فوج جو به اهو ئي موقف آهي، جيڪو سياسي قيادت جو آهي.
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته ڪيتريون ئي شدت پسند تنظيمون اڃا تائين افغانستان مان سرگرميون ڪري رهيون آهن ۽ اهو رڳو پاڪستان جو موقف ناهي، پر عالمي رپورٽن ۾ به ان جو ذڪر موجود آهي.
پاڪستان فوج جي ترجمان کان سوال ڪيو ويو ته جيڪڏهن سفارتڪاري ناڪام ٿي وڃي ته سرحد پار کان ٿيندڙ حملن کي روڪڻ لاءِ پاڪستان ڪهڙا قدم جائز سمجهي ٿو؟
احمد شريف چوڌري جواب ڏيندي چيو ته گڏيل قومن جي منشور جو آرٽيڪل 51 دفاع جو حق ڏئي ٿو.
هن چيو ته پاڪستان پنهنجن شهرين جي جان، عزت ۽ مال جي تحفظ جو پابند آهي ۽ ان مقصد لاءِ ضروري قدم کنيا ويندا، ڀلي خطرا ڪٿان به پيدا ٿين.
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪستان شدت پسندي خلاف پنهنجي مهم جاري رکندو ۽ ان سلسلي ۾ نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون ويون آهن.
بلوچستان ۾ بغات نه دهشتگردي آهي: احمد شريف چوڌري
بلوچستان جي صورتحال بابت سوال جي جواب ۾ هن ان تاثر سان اختلاف ڪيو ته اتي ڪا بغاوت جاري آهي.
هن چيو ته بلوچستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، ان کي هو بغاوت نه پر ”دهشتگردي“ قرار ڏئي ٿو.
هن چيو ته هڪ پاسي انٽيليجنس جي بنياد تي ڪارروائيون ڪيون پيون وڃن، ته ٻئي پاسي ترقي، بهتر حڪمراني، عوام سان رابطن ۽ معاشي موقعن تي به ڪم ڪيو پيو وڃي.
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته بلوچستان جي عوام کي سٺي حڪمراني، موقعا ۽ مسلسل توجهه ملڻ گهرجي، جڏهن ته تشدد جو رستو اختيار ڪندڙن جو مقابلو ڪيو ويندو.
پاڪ-ڀارت فوجي رابطا فعال آهن : ترجمان پاڪ فوج
انٽرويو دوران پاڪستان فوج جي ترجمان کان مئي 2025ع ۾ ڀارت سان ٿيل فوجي تڪرار بابت به سوال ڪيو ويو ته ”پاڪ فوج ان مان ڇا سکيو؟“
جواب ۾ هن چيو ته پهريون سبق اهو آهي ته ٻن پاڙيسري جوهري طاقتن وچ ۾ فوجي تڪرار هڪ حڪمت عملي واري غلطي آهي.
پاڪستان فوج جي ترجمان کان پڇيو ويو ته ڇا ڀارت به اهو سبق سکي ورتو آهي؟
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته ان جو جواب ڀارت کي ڏيڻو آهي، ”تنهن هوندي به پاڪستان جي ذميواري آهي ته هو ان کي اها حقيقت مسلسل ياد ڏياريندو رهي.“
هن چيو ته پاڪستان برابري جي بنياد تي امن ۽ علائقائي استحڪام جو حامي آهي، پر جيڪڏهن فوجي اڳرائيءَ ذريعي علائقائي بالادستي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ان جي نتيجن جو ”تصور به نٿو ڪري سگهجي.“
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته پاڪستان پنهنجي سلامتي ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ لاءِ ضروري قدم کڻڻ ۾ ڪا به هٻڪ محسوس نه ڪندو.
مستقبل ۾ جوهري ٽڪراءَ جي خطرن بابت سوال تي هن چيو ته پاڪستان جي جوهري صلاحيت دشمن کي حملي کان روڪي ٿي، جڏهن ته سياسي قيادت جو صبر ۽ رابطن جو سلسلو پڻ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.
انٽرويو دوران کانئس پڇيو ويو ته ڇا پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ فوج کان فوج جا رابطا بحال ٿيڻ جا امڪان موجود آهن؟
پاڪستان فوج جي ترجمان جواب ڏيندي چيو ته ٻنهي ملڪن جي ڊائريڪٽر جنرل ملٽري آپريشنز وچ ۾ هاٽ لائن ڪيترن ئي ڏهاڪن کان اثرائتي نموني ڪم ڪري رهي آهي، ايستائين جو ڇڪتاڻ وارن دورن ۾ به اها فعال رهي آهي.
ڀارت سان ڳالهين جي بحالي بابت سوال تي احمد شريف چوڌري چيو ته ان بابت فيصلو سياسي قيادت کي ڪرڻو آهي، جڏهن ته ڪا به ڳالهه ٻولهه برابري، گڏيل احترام ۽ مسئلن جي مخلصاڻي حل جي ڪوشش تي ٻڌل هئڻ گهرجي.
ڀارت جي دفاعي صلاحيتن بابت سوال جي جواب ۾ پاڪستان فوج جي ترجمان چيو ته پاڪستان فوجي صلاحيتن ۾ ڀارت جي سيڙپڪاري کان آگاهه آهي، ان باوجود پاڪستان هٿيارن جي ڊوڙ ۾ شامل ناهي.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جون فوجي صلاحيتون دفاعي نوعيت جون آهن ۽ ملڪ کي پنهنجي دفاعي صلاحيت تي مڪمل اعتماد آهي.
فوجي ڪارروئين ۽ سيڪيورٽي بابت معلومات ڳجهي هوندي آهي: ڊي جي آءِ ايس پي آر
مڪي معاهدي جي ڪنهن هڪ ڌر تي حملي جي صورت ۾ پاڪستان جي ردعمل بابت سوال تي ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته دفاعي واعدن تي عملدرآمد جي طريقيڪار کي ڪڏهن به عوامي سطح تي ظاهر ناهي ڪيو ويندو.
هن چيو ته ڪنهن حملي جو ردعمل ڇا هوندو، ٽئي ملڪ حڪمت عمليجوڙيندا ۽ ان موجب ان تي عملدرآمد ڪندا.
هن وڌيڪ چيو ته مڪي معاهدي تي ڪنهن کي ڪو اعتراض ناهي، سڀ سمجهن ٿا ته اهو قدم دفاعي نوعيت جو آهي ۽ ان جو مقصد خطي ۾ استحڪام ۽ امن برقرار رکڻ آهي، دفاع بابت ٻيا به معاهدا موجود آهن، جن ۾ هڪ ٻئي کي سهڪار فراهم ڪرڻ جون خاطريون ڪرايون ويون آهن.
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته اوهان اصل ۾ اهو پڇي رهيا آهيو ته معاهدي تحت ڪارروائي ڪيئن ڪئي ويندي، فوجي ڪارروائين ۽ سيڪيورٽي بابت ڄاڻ ڳجهي هوندي آهي، ڪنهن به ڪارروائي جو فيصلو انهن ٽنهي ملڪن کي ڪرڻو آهي.
مڪي معاهدي ۾ شامل ٽنهي ملڪن جا چين سان بهترين لاڳاپا آهن: پاڪ فوج
پاڪ فوج جي ترجمان وڌيڪ چيو ته جيئن لفظ مان ئي واضح آهي، اهو دفاعي سهڪار جو معاهدو آهي، ان ۾ ڪو به جارحاڻو پاسو ناهي. گڏيل دفاعي معاهدو هڪ ٻئي لاءِ سهڪار جي نوعيت رکي ٿو، جڏهن ته انهن سمورن ملڪن جا ٻين ملڪن سان پنهنجا آزاد ۽ الڳ لاڳاپا آهن.
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه جا لاڳاپا اوچتو وجود ۾ ناهن آيا، چين ان ڳالهه کي سمجهي ٿو ۽ دنيا به سمجهي ٿي ته اهي لاڳاپا ڪيترا گهرا ۽ تاريخي آهن، هاڻي انهن لاڳاپن کي باظابطا ۽ واضح معاهدي جي شڪل ڏني وئي آهي.
هن چيو ته سڀ سمجهن ٿا ته اهو معاهدو دفاعي نوعيت جو آهي، ٽنهي ملڪن جا چين سان به بهترين لاڳاپا آهن، جڏهن ته پاڪستان جا چين سان انتهائي اهم ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپا آهن.