ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي سورڳواسي اداڪار سُشانت سنگهه راجپوت جي مئنيجر دِشا سالين جي موت واري ڪيس ۾ اجتماعي لڄالٽ ۽ قتل جي الزامن کانپوءِ اڳوڻي وڏي وزير سميت ڪيئي مشهور شخصيتن جا نالا ايف آءِ آر ۾ سامهون آيا آهن.
دِشا سالين جي موت واري معاملي تي مرڪزي جاچ اداري (سي بي آءِ) ويجهڙ ايف آءِ آر داخل ڪئي هئي، جنهن ۾ قتل، اجتماعي لڄالٽ، ڏوهاري سازش، ثبوت ضايع ڪرڻ ۽ غلط ڄاڻ ڏيڻ بابت قلم شامل ڪيا ويا آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ايف آءِ آر ۾ شِو سينا (يو بي ٽي) اڳواڻ آدتيه ٺاڪري، اداڪارا ريا چڪرورتي، اداڪار ڊينو موريا ۽ سورج پنچولي سميت ڪيترين ئي مشهور شخصيتن جا نالا شامل آهن، جن جي مبينا ڪردار بابت جاچ ڪئي ويندي.
ڀارتي اخبار ٽائمز آف انڊيا موجب، ايف آءِ آر ۾ مهاراشٽرا جي اڳوڻي وڏي وزير اُڌو ٺاڪري، اڳوڻي رياستي گهرو وزير انيل ديشمک، ريا چڪرورتي جي ڀاءُ شوڪ چڪرورتي، اڳوڻي ممبئي پوليس ڪمشنر پرم بير سنگهه ۽ اڳوڻي پوليس آفيسر سچن وازي جا نالا پڻ شامل آهن.
ايف آءِ آر ۾ مبينا طور تي ”من گهڙت آپگهات جي ڪهاڻي“ تيار ڪري ان کي هٿي ڏيڻ، جڏهن ته ثبوت لڪائڻ، ضايع ڪرڻ يا انهن ۾ ڦيرڦار ڪرڻ جي مبينا سازش جو به ذڪر ڪيو ويو آهي.
ڪيس ۾ دِشا سالين جي پوسٽ مارٽم ۾ شامل پوليس آفيسرن، فرانزڪ اختيارين، ڊاڪٽرن ۽ عملي، رهائشي عمارت جي سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ بعد ۾ جاچ ڪندڙ پوليس ٽيم جي ميمبرن جو به ذڪر ڪيو ويو آهي.
دِشا سالين جي والد ستيش سالين جي وڪيل نليش اوجها ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام لڳايو ته دِشا کي اجتماعي لڄالٽ کانپوءِ قتل ڪيو ويو ۽ بعد ۾ سندس موت کي آپگهات جو رنگ ڏنو ويو.
وڪيل آدتيه ٺاڪري تي ٻارن سان مبينا زيادتي ۾ ملوث هجڻ جو الزام به لڳايو ۽ دعويٰ ڪئي ته دِشا وٽ ان مبينا زيادتي سان لاڳاپيل وڊيو ثبوت موجود هئا.
نليش اوجها موجب، دِشا مبينا طور اهي وڊيوز سُشانت سنگهه راجپوت کي موڪليون هيون، جيڪي هن ريا چڪرورتي سان شيئر ڪيون ۽ اهو مواد پوءِ آدتيه ٺاڪري تائين پهتو.
وڪيل الزام لڳايو ته مبينا ثبوتن جي ڪري دِشا سالين ۽ سُشانت سنگهه راجپوت کي قتل ڪيو ويو.
واضح رهي ته ڀارتي عدالت دِشا سالين جي موت جي جاچ جو حڪم ڏيندي ممبئي پوليس طرفان اٽڪل 6 سالن تائين ايف آءِ آر داخل نه ڪرڻ تي سوال اٿاريا هئا. عدالت ڪيس کي ڊگهي عرصي تائين حادثاتي موت قرار ڏيڻ تي به سوال اٿاريندي جاچ ۾ ”واضح تضادن“ جي نشاندهي ڪئي هئي.
دِشا سالين 8 جون 2020ع تي ممبئي جي مالاڙ واري علائقي ۾ هڪ رهائشي عمارت جي 12هين ماڙ تان ڪِري فوت ٿي وئي هئي، جنهن کانپوءِ ممبئي پوليس حادثاتي موت جي رپورٽ داخل ڪئي هئي.
واقعي کان 6 ڏينهن پوءِ، 14 جون 2020ع تي سُشانت سنگهه راجپوت به ممبئي ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي مئل حالت ۾ هٿ آيو هو، جنهن کانپوءِ ٻنهي واقعن وچ ۾ امڪاني ڳانڍاپي بابت مختلف اڳڪٿيون شروع ٿي ويون هيون.
دِشا سالين ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي، قتل ۽ اجتماعي لڄالٽ جي الزام هيٺ اڳوڻي وڏي وزير سميت ڪيئي اهم شخصيتون نامزد
You might also like