دوستن ۾ ويهي زالن جي تذليل ڇو؟ سنيتا مارشل مردن جي روين تي سوال اُٿاري ڇڏيا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا ۽ ماڊل سنيتا مارشل معاشري ۾ مردن جي پنهنجي زالن سان اڻوندڙ رويي بابت ڳالهائيندي چيو آهي ته اٽڪل 98 سيڪڙو مرد دوستن سان ڪچهري ۾ پنهنجي زال تي ٺٺوليون ڪندا آهن.
ويجهڙ ۾ هڪ مارننگ شو ۾ ڳالهائيندي سنيتا مارشل چيو ته تقريبن 98 سيڪڙو مرد دوستن ۾ ويهي پنهنجي زال جاڏائيندا آهن، اهو اسان جي ڪلچر ۾ وڌيڪ آهي، جڏهن ته اولهه ۾ اهڙو ڪجهه ناهي.
اداڪارا چيو ته جيڪڏهن زال سڀني جي سامهون ڪو مشورو ڏئي ته مڙس ان ئي وقت کيس چئي ڇڏيندو آهي ته ”پنهنجا مشورا پاڻ وٽ رک، احمقن وارا مشورا نه ڏي.“
سندس چوڻ هو ته اها ڳالهه بعد ۾ به مناسب طريقي سان سمجهائي سگهجي ٿي ته تنهنجو ڏنل مشورو درست نه هو.
سنيتا مارشل وڌيڪ چيو ته اسان وٽ مردن جي ذهنيت اهڙي بڻائي ويندي آهي ته زالون اوهان کان گهٽ درجي جون آهن، زالون اڪثر مڙسن سان ”اوهان“ چئي ڳالهائينديون آهن، پر مڙس زال سان ”تون“ ڪري ڳالهائيندو آهي، ڇاڪاڻ ته کيس لڳندو آهي ته اها مون کان ننڍي آهي.
هن چيو ته مڙسن جي اهڙي ذهنيت هوندي آهي ته جيڪڏهن زال مون کان گهٽ درجي جي آهي ته مان ان جو مذاق اڏائي سگهان ٿو.
سنيتا مارشل جو اهو بيان سوشل ميڊيا تي به تيزيءَ سان وائرل ٿي رهيو آهي، جتي واهپيدار سندس موقف سان اتفاق ڪندي مختلف رايا ڏئي رهيا آهن.

You might also like