دنيا جي 100 بهترين راندين وارن شهرن ۾ نيويارڪ نمبر ون، پاڪستان جي هڪ به شهر کي جاءِ نه ملي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) دنيا جي 100 بهترين اسپورٽس شهرن جي 2026ع واري فهرست ۾ آمريڪي شهر نيويارڪ پهرئين نمبر تي اچي ويو، جڏهن ته پئرس ٻئي ۽ لاس اينجلس ٽئين نمبر تي رهيو.
سوئس اداري برسن طرفام جاري ڪيل اسپورٽس سٽيز رينڪنگ ۾ دنيا جي راندين سان مضبوط لاڳاپو رکندڙ 100 شهرن کي شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته فهرست ۾ پاڪستان جو ڪو به شهر جاءِ نه ٺاهي سگهيو.
اسپورٽس سٽيز رينڪنگ تيار ڪرڻ دوران ماهرن، اسپورٽس ميڊيا ۽ عالمي راندين جي اڳواڻن جي راءِ سان گڏ سوشل ميڊيا ۽ ميڊيا ڪوريج جو تجزيو پڻ شامل ڪيو ويو آهي.
پئرس مسلسل ٽن سالن تائين پهرئين نمبر تي رهڻ کانپوءِ 2026ع جي رينڪنگ ۾ ٻئي نمبر تي هليو ويو، جڏهن ته نيويارڪ گذريل رينڪنگ ۾ ٽئين نمبر تان ترقي ڪندي پهرين پوزيشن حاصل ڪئي.
نيويارڪ جي رينڪنگ ۾ بهتري جي اهم سببن ۾ اين بي اي چيمپئن شپ ۽ فيفا ورلڊ ڪپ جي فائنل جي ميزباني شامل آهي.
عالمي اسپورٽس شهرن جي رينڪنگ ۾ لنڊن چوٿين ۽ ميڊرڊ پنجين نمبر تي آهي، جڏهن ته بارسلونا ڇهين، ميلان ستين ۽ لوزان اٺين نمبر تي موجود آهن.
مانچسٽر ڏهين، واشنگٽن 11هين ۽ ميامي 12هين نمبر تي آهي، جڏهن ته ٽوڪيو 16هين، سڊني 24هين ۽ دبئي 29هين نمبر تي جاءِ ٺاهي آهي.
فهرست ۾ ممبئي 51هين، نئين دهلي 65هين، رياض 68هين، ڪيپ ٽائون 85هين، جدي 98هين ۽ ساپورو 99هين نمبر تي موجود آهن.

You might also like