”ٽرمپ ڦرڻو گهرڻو آهي، ان تي اعتبار نه ڪيو“ ايران جو شرط پورا ٿيڻ تائين آمريڪا سان ڳالهين کان کتو جواب

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني قومي سلامتي ڪائونسل جي سيڪريٽري محسن رضائي چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪنهن مهل چوندو آهي ته ڳالهيون نه ٿينديون، ڪڏهن ڳالهين لاءِ تيار هجڻ جا بيان ڏئي ٿو، تنهن ڪري ٽرمپ جي مختلف بيانن کان گمراهه نه ٿيڻ گهرجي.
مقامي ميڊيا سان ڳالهائيندي محسن رضائي چيو ته تيل ۽ آبناءِ هُرمُز بابت صورتحال هاڻي تبديل ٿي چڪي آهي، جڏهن ته نقصان تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪيون ويندڙ ڪوششون ايندڙ صورتحال کي روڪي نه سگهنديون.
هن واضح ڪيو ته ايراني مطالبا ۽ شرط پورا ٿيڻ تائين آمريڪا سان ڪو به ڳالهين جو عمل نه ٿيندو.

You might also like