ڳاڙهي سمنڊ ۾ ڇڪتاڻ تيز، حوثين جي حملن تي سعودي عرب جو ”فيصلائتو جواب“ ڏيڻ جو اعلان

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب چيو آهي ته حوثين جي حملن جو ”فيصلائتو“ جواب ڏنو ويندو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، حوثين جي تازن بيلسٽڪ ميزائل ۽ ڊرون حملن ۾ سعودي عرب ۾ 13 ڄڻا زخمي ٿيا آهن.
ايراني اتحادي حوثي باغين سامونڊي ناڪابندي جو اعلان ڪرڻ کانپوءِ ڳاڙهي سمنڊ ۾ سعودي سامونڊي جهازن کي نشانو بڻائڻ شروع ڪيو هو.
گذريل هفتي حوثين ڳاڙهي سمنڊ جي اوڀر واري سامونڊي ڪناري ۽ باب المندب تي ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو هو.
آبناءِ هُرمُز ۾ سامونڊي چُرپُر متاثر ٿيڻ کانپوءِ باب المندب جي اهميت وڌيڪ وڌي وئي آهي.
ٻئي پاسي فرانس جي درخواست تي باب المندب جي صورتحال بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس اڄ نيويارڪ ۾ طلب ڪيو ويو آهي.

You might also like