پيٽرول ۾ عوام کي عارضي نه پر مستقل رليف گهرجي

وفاقي حڪومت هڪ وري ٻيهر پيٽرول جي وڌندڙ اگهن جي مار هيٺ آيل عوام کي عارضي سهارو ڏيڻ لاءِ في ليٽر 100 رپين جي رليف واري اسڪيم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن ۾ غيرمعمولي واڌ ۽ ملڪي سطح تي پيٽرول جي قيمت ۾ لڳاتار اضافن کان پوءِ حڪومت جو اهو فيصلو ڪيو آهي پر، پر اصل سوال اهو آهي ته ڇا هي رليف واقعي عام ماڻهو جي پيٽرول جي خرچ جو بار گهٽائيندو؟

حڪومت جي اعلان موجب موٽر سائيڪل، رڪشا، چنگچي ۽ ٻين ٻن ۽ ٽن ڦيٿين وارن لاءِ هر مهيني وڌ ۾ وڌ 20 ليٽر پيٽرول تي في ليٽر 100 رپين جي رعايت ملندي، جڏهن ته 800 سي سي تائين ننڍين گاڏين لاءِ ماهوار 30 ليٽر تائين ساڳيو رليف ڏنو ويندو. ان حساب سان موٽر سائيڪل يا رڪشا استعمال ڪندڙ کي وڌ ۾ وڌ 2 هزار رپيا ۽ 800 سي سي تائين گاڏي رکندڙ کي 3 هزار رپين تائين ماهوار فائدو ملي سگهي ٿو. رجسٽريشن لاءِ حڪومت طرفان ٻڌايل طريقيڪار به سامهون اچي چڪو آهي. شهري پنهنجي گاڏي جي رجسٽريشن بابت گهربل معلومات سان گڏ REG ۽ شناختي ڪارڊ نمبر 9771 تي ايس ايم ايس ڪندا. رجسٽريشن ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ TOK موڪلي فيول ٽوڪن حاصل ڪري سگهجي ٿو، جيڪو مقرر ٿيل پيٽرول پمپ تي پيش ڪرڻ سان سبسڊي واري اگهه تي پيٽرول وٺي سگهجي ٿو. ملڪ جي ٻين حصن ۾ هي رليف 17 سيپٽمبر کان لاڳو ٿيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اسلام آباد ۾ ان کان اڳ شروع ٿيندو.

هن اسڪيم جو هڪ مثبت پهلو اهو آهي ته حڪومت عام سبسڊي بدران انهن ماڻهن کي ٽارگيٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪي روزاني سفر لاءِ موٽر سائيڪل، رڪشا يا ننڍيون گاڏيون استعمال ڪن ٿا. خاص طور تي موٽر سائيڪل هلائيندڙ مزدور، ملازم، شاگرد ۽ گهٽ آمدني وارا شهري پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ کان سڌو متاثر ٿين ٿا. تنهن ڪري جيڪڏهن رجسٽريشن جو عمل آسان، شفاف ۽ بغير سفارش يا رشوت جي هجي ته اها اسڪيم واقعي ڪجهه خاندانن جو ماهوار بار گهٽائي سگهي ٿي. پر هتي ئي هڪ اهم سوال پيدا ٿئي ٿو: ڇا 20 يا 30 ليٽر تي رليف ڏيڻ سان پيٽرول جي مجموعي مهانگائي جو مسئلو حل ٿي سگهي ٿو جواب يقيناً نه آهي.

اڄ جڏهن پيٽرول جو اگهه 375 رپين کان به مٿي پهچي چڪو آهي ۽ حڪومت پاڻ پيٽرول تي 114 رپيا في ليٽر ٽيڪس ۽ ڊيوٽيز وصول ڪري رهي آهي، تڏهن 100 رپين جي ٽارگيٽڊ سبسڊي رڳو محدود مقدار تائين محدود آهي.  ان جو مطلب اهو ٿيو ته جيڪو شهري مهيني ۾ 20 ليٽر کان وڌيڪ پيٽرول استعمال ڪري ٿو، باقي مقدار لاءِ کيس مارڪيٽ جو مڪمل اگهه ادا ڪرڻو پوندو. ان کان وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته پيٽرول مهانگو ٿيڻ جو اثر رڳو گاڏي جي ٽانڪي تائين محدود نٿو رهي. ٽرانسپورٽ جا ڀاڙا وڌن ٿا، زرعي خرچ وڌن ٿا، سامان جي اچ وڃ مهانگي ٿئي ٿي ۽ آخرڪار اٽي، ڀاڄين، کير، گوشت ۽ روزمره جي ٻين شين تائين مهانگائي پهچي ٿي. اهڙي صورتحال ۾ صرف موٽر سائيڪل يا ننڍي ڪار جي محدود پيٽرول تي رعايت ڏيڻ سان مهانگائي جي پوري زنجير کي ٽوڙي نٿو سگهجي.

حڪومت کي اهو به ڏسڻو پوندو ته رليف حاصل ڪرڻ لاءِ رجسٽريشن جو عمل عام ماڻهو لاءِ ڪيترو آسان آهي. پاڪستان ۾ اهڙين اسڪيم لاءِ اصل امتحان اعلان نه، پر عملدرآمد هوندو آهي. جيڪڏهن غريب ۽ گهٽ پڙهيل ماڻهو کي ايس ايم ايس، گاڏي جي رڪارڊ، ٽوڪن ۽ پيٽرول پمپ جي تصديق جي ڪيترن ئي مرحلن مان گذرڻو پوي ته رليف جو وڏو حصو ڪاغذن ۽ نظام جي پيچيدگين ۾ ڦاسي سگهي ٿو. تنهن ڪري حڪومت کي واضح هيلپ لائن، سادو آن لائن ۽ آف لائن طريقو، ضلعي سطح تي سهولت مرڪز ۽ شڪايتن جي فوري ازالي جو نظام به قائم ڪرڻ گهرجي. پر ان سموري بحث جو بنيادي سوال عارضي رليف کان اڳتي وڃي مستقل حل جو آهي. حڪومت کي سوچڻو پوندو ته جڏهن پيٽرول جي اگهه ۾ واڌ ٿيندي آهي ته ڇا هر ڀيري نئين سبسڊي اسڪيم آڻڻ ئي واحد رستو آهي؟ جيڪڏهن حڪومت پيٽرول تي وصول ٿيندڙ وڏن ٽيڪسن ۽ ڊيوٽيز ۾ مناسب ڪمي ڪري ته ڇا عوام کي بنا رجسٽريشن، بنا ٽوڪن ۽ بنا ماهوار حد جي مستقل رليف نه ملي سگهي ٿو؟

تازو حڪومت ۽ جماعت اسلامي وچ ۾ پيٽروليم ليوي گهٽائڻ لاءِ ماهر ڪميٽيون ٺاهڻ تي اتفاق پڻ ٿيو آهي. رپورٽن موجب پيٽرول تي حڪومت پاران ٽيڪس ۽ ڊيوٽيز جو بار 114 رپيا في ليٽر ۽ ڊيزل تي 100 رپيا في ليٽر آهي.  اها ڳالهه پاڻ ان حقيقت ڏانهن اشارو ڪري ٿي ته پيٽرول جي قيمت ۾ عالمي خام تيل کان سواءِ ملڪي ٽيڪسن جو حصو به انتهائي اهم آهي. تنهن ڪري حڪومت کي هاڻي رڳو اهو نه چوڻ گهرجي ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل مهانگو آهي، پر پنهنجي ٽيڪس پاليسي تي به سنجيدگي سان نظرثاني ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن معاشي بحران، مهانگائي ۽ عوام جي خريداري قوت ۾ مسلسل گهٽتائي آهي ته پوءِ هر شعبي کان قرباني وٺڻ سان گڏ حڪمرانن کي به پنهنجي آمدني ۽ خرچن جي پاليسي تي نظر وجهڻي پوندي.

هڪ طرف عوام کي چيو وڃي ٿو ته مهانگائي برداشت ڪريو، بجلي جا بل ادا ڪريو، پيٽرول جا اگهه قبول ڪريو ۽ ٽيڪس ڏيو؛ ٻئي طرف حڪومت جو مستقل حل رڳو نئين سبسڊي اسڪيمون آڻڻ هجي ته اهو معاشي انتظام جو پائيدار نمونو نٿو بڻجي سگهي.

حڪومت کي هاڻي عوام کي صرف رليف جا اعلان نه، پر رليف جي مستقل پاليسي ڏيڻ گهرجي. پيٽروليم ليوي ۾ مناسب ڪمي، غيرضروري حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي، شفاف پيٽرول قيمت فارمولو، عالمي مارڪيٽ ۾ لاٿ جو فوري فائدو صارفين تائين پهچائڻ ۽ ٽرانسپورٽ ۽ ضروري شين جي اگهن جي نگراني اهي سڀ قدم گڏيل طور ئي پيٽرول جي مهانگائي جو اثر گهٽائي سگهن ٿا.

You might also like