ائين لڳي ٿو ته هي ملڪ بس ڪنهن اڻ ڏٺل قوت جي سهاري هلي رهيو آهي، هتي جو انتظام سنڀاليندڙ وزيراعظم ۽ سندس ڪابينا جا ميمبر رڳو پروٽوڪول وٺڻ يا ڪوڙا دعوائون ڪرڻ تي مقرر آهن. هڪ جمهوري انتظام ۾ حڪمرانن جو عوام سان جيڪو رابطو ۽ تعلق هجڻ گهرجي، ان جو ڪٿي ڪو نالو نشان به نٿو ملي. ايتري قدر جو پيٽروليم شين کان تنگ آيل قوم کي دلاسو ڏيڻ وارو به ڪو نظر نٿو اچي. وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي خيال ۾ آسمان کي ٽاڪو هڻندي گهٽ وسيلن وارن طبقن لاءِ پيٽرول ۾ خاص رعايت ڏيڻ جو اعلان ضرور ڪيو، پر اهو اعلان به ڪنهن سڌي ملاقات، اسيمبلي ۾ ڳالهه ٻولهه يا پريس ڪانفرنس ۾ ڪرڻ بدران هڪ سرڪاري بيان ذريعي ڪيو ويو آهي. ان اعلان ۾ جيڪا سهولت ڏيڻ جو واعدو ڪيو ويو، ان ۾ اهي ئي پراڻيون خاميون موجود آهن، جيڪي ان کان اڳ جاري ڪيل اسڪيمن ۾ هيون، يعني سهولت ته گهٽ وسيلن وارن ماڻهن کي ڏني ويندي آهي، پر اشرافيه جا ماڻهو غريبن جي ڪلهي تي بندوق رکي پنهنجو مفاد حاصل ڪري وٺندا آهن. وزيراعظم جيتوڻيڪ موٽرسائيڪلن، رڪشائن، چنگچي يا 800 سي سي کان ننڍين گاڏين لاءِ سهولت يا پيٽرول الائونس ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، پر ان ڳالهه جي ڪا ضمانت فراهم نه ڪئي وئي آهي ته موجوده ناڪام ۽ ڪرپٽ نظام ۾ اها سهولت واقعي انهن بي وس ماڻهن تائين پهچي سگهندي ۽ امير ۽ اقتدار تائين رسائي رکندڙ عنصر ان کي اڳ ڏنل سبسڊي وانگر پنهنجي مفاد لاءِ استعمال نه ڪندا. تنهن ڪري يقين سان چئي سگهجي ٿو ته ضرور ڪندا.
ان جي بدران جيڪڏهن وزيراعظم اسيمبلي يا پريس ڪانفرنس ۾ اهو اعلان ڪرڻ جي زحمت ڪري ها ته سوال جواب جي صورت ۾ کيس نوڪر شاهي جي تيار ڪيل فراخدلاڻي منصوبي جي خامين کان آگاهه ڪري سگهجي ها ۽ وٽس هڪ موقعو هجي ها ته هو ان جي اصلاح ڪري سگهي ها، جيئن اها سهولت واقعي ڪمزور ۽ پٺتي پيل ماڻهن تائين پهچي سگهي ها. پر حڪومت عوام جو منهن ڪرڻ کان ايترو خوفزده آهي، جو حڪمران اڻ سڌيءَ طرح ’ديدار‘ ڪرائڻ جي همت به نٿا ڪن. ۽ ڪاغذ تي لکيل اعلان ذريعي پنهنجي ’عوام دوستي‘ ثابت ڪري فارغ ٿي وڃن ٿا. ان کان اڳ ڪيترن ئي معاملن تي شهباز شريف ۽ پنجاب ۾ سندس ڀاڻيجي مريم نواز به اهو ئي رويو اختيار ڪري چڪا آهن. يا ته اهي ماڻهو ميڊيا جو منهن ئي نٿا ڪن، جيڪڏهن ڪٿي آمنا سامنا ٿي وڃي ته بچي نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي يا وري سوال جو جواب ڏيڻ بدران پڇيو وڃي ٿو ته ’توهان هتي به پهچي ويا؟‘ ان جي تازي مثال پنجاب جي وڏي وزير جي لنڊن دوري دوران ڏسڻ ۾ آئي. هوءَ پنهنجي ڌيءَ جي گريجوئيشن تقريب ۾ شرڪت لاءِ وئي ته صحافين ملڪ ۽ پنجاب جي سياسي حالتن بابت کانئس سوال ڪرڻ چاهيا، پر هوءَ محافظن جي اوٽ ۾ غائب ٿي وئي.
عوام جي نالي تي حڪمراني ڪندڙ انهن ماڻهن جو عوام يا عوام سان رابطو ڪرائيندڙ ميڊيا کان پاسو ڪرڻ ناقابل فهم ۽ افسوسناڪ آهي. جيڪڏهن انهن ماڻهن ۾ صحافين سان ملڻ ۽ ڪجهه اڻ وڻندڙ سوالن کي منهن ڏيڻ جي همت ناهي ته گهٽ ۾ گهٽ اسيمبلين ۾ وڃي پنهنجن حامين جي گهيري ۾ پنهنجي دل جي ڳالهه بيان ڪري سگهن ٿا. پر ايوانن ۾ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت جي دعويٰ ڪندڙ وزيراعظم يا پنجاب جي وڏي وزير کي اسيمبلين جي اجلاسن ۾ شرڪت ڪرڻ جي زحمت به نٿي ٿئي. ايوان ۾ واضح اڪثريت سبب ڪا به مخالف ڌر سندن ڪجهه نٿي بگاڙي سگهي. البت مخالف ڌر جي ميمبرن جي ڳالهين ۽ سوالن مان کين زميني حقيقتن جي ڄاڻ ملي سگهي ٿي. پر ائين لڳي ٿو ته مسلم ليگ (ن) اهو يقين ڪري چڪي آهي ته هي ان جو آخري موقعو آهي، تنهن ڪري اقتدار ۽ سرڪاري سهولتن مان وڌ کان وڌ فائدو حاصل ڪيو وڃي ۽ ان کان پوءِ ملڪ کان ٻاهر ڪنهن محفوظ هنڌ تي باقي زندگي گذاري وڃي. ڪنهن حڪمران سياسي پارٽي جي اڳواڻن جو اهو رويو سياسي نظام حڪومت کان عوام جي دوري جو سبب بڻجي رهيو آهي، پر ڪنهن کي ان جي ڪا پرواهه ناهي.
’غريبن‘ کي پيٽرول ۾ سهولت ڏيڻ جو اعلان ڪندڙ وزيراعظم اهو ڄاڻڻ ۾ به دلچسپي نٿو رکي ته جيڪڏهن اوڀر ۽ وچ اوڀر جي جنگ سبب پيٽرول مهانگو ٿي رهيو آهي ۽ بي وس حڪومت وٽ ان جي قيمتن تي ضابطو آڻڻ جا وسيلا ناهن ته هن قومي هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جا ڪهڙا طريقا ٿي سگهن ٿا. ان جي بدران نوڪر شاهي جو تيار ڪيل ناڪاره نسخو هڪ اعلان ذريعي وڪڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. جڏهن ته وزيراعظم کي ان سوال جو جواب ڏيڻ گهرجي ته جيڪڏهن ملڪ ۾ توانائي جو بحران آهي ۽ پاڪستان کي مهانگي اگهه تي پيٽرول خريد ڪرڻو پوي ٿو ته وي آءِ پيز جي اچ وڃ لاءِ استعمال ٿيندڙ قافلن جو حجم ئي ڪجهه گهٽ ڪيو وڃي. اهو ٻڌائڻ بدران ته موٽرسائيڪلن ۽ رڪشائن کي ڪجهه پيٽرول گهٽ اگهه تي ملندو، سرڪاري عهديدارن، آفيسرن، ججن ۽ ٻين ’اهم‘ ماڻهن کي ننڍيون گاڏيون استعمال ڪرڻ يا سيڪيورٽي جي نالي تي درجنين وڏين گاڏين جو قافلو کڻي هلڻ کان روڪيو وڃي. اها عام فهم ڳالهه آهي ته وڏي گاڏي ۾ پيٽرول وڌيڪ خرچ ٿيندو آهي، تنهن ڪري ڳرين گاڏين ۽ فور ويلرن رکڻ يا هلائڻ تي هنگامي پابندي لڳائي گهٽ ۾ گهٽ اجائي خرچ کان بچڻ جو رستو ڪڍي سگهجي ٿو. ان مان حاصل ٿيندڙ فائدو غريبن کي معمولي الائونس ڏئي پنهنجي عياشي جاري رکڻ کان هزارين ڀيرا بهتر هوندو. ان جي ابتڙ پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز پنهنجي تازي برطانيا جي دوري دوران پنجاب حڪومت لاءِ خريد ڪيل گلف اسٽريم جي 500 جهاز ۾ سفر ڪيو. ان تي اٿندڙ سوالن جو جواب ڏيڻ بدران پنجاب حڪومت ۽ مريم نواز جي نمائندن اهو چئي ڳالهه ٽارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته اهي خرچ مريم نواز پنهنجي کيسي مان ادا ڪندي. نه اهو ٻڌايو پيو وڃي ته ان سفر تي ڪيترو خرچ آيو ۽ نه ئي اها وضاحت موجود آهي ته پنجاب حڪومت جي ملڪيت وارو جهاز وڏي وزير ذاتي دوري لاءِ ڪيئن استعمال ڪري سگهي ٿي؟ خرچن جي ڳالهه ته پوءِ ايندي. ۽ خرچن کان به اڳ اهو سوال اهم آهي ته جنهن ملڪ کي پيٽرول جي کوٽ ۽ قيمتن ۾ اوچتي واڌ کي منهن ڏيڻو پوي، ان جي اڳواڻن کي ڇا اها ڳالهه سونهين ٿي ته هو پنهنجي ذاتي عياشي لاءِ هڪ معمولي سفر تي ڪروڙين رپيا خرچ ڪري ڇڏين؟ اها ته پوءِ جي ڳالهه آهي ته اهي خرچ ڪيترا هئا ۽ ڪنهن ادا ڪيا.
حڪمرانن ۽ عوام وچ ۾ فاصلا گهٽائڻ بدران انهن کي مسلسل وڌايو پيو وڃي. اهي فاصلا بي اعتمادي ۽ هيجان پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجي رهيا آهن. سياسي ڳالهه ٻولهه ۽ جوابدهي جو طريقو سينسر ۽ ٻين پابندين ذريعي اڳ ئي اهڙيءَ طرح ختم ڪيو ويو آهي. هن صورتحال کي ’نيو نارمل‘ چئي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. اهو ملڪي استحڪام ۽ قومي سلامتي جو سوال آهي. معاشري ۾ تفاوت جي اها صورتحال سماجي انتشار کي جنم ڏئي رهي آهي. هن طوفان جي شدت کي سمجهڻ ۽ ان جي حل لاءِ قدم کڻڻ بدران جيڪڏهن وڏائي ۽ هڪ طرفي حاڪماڻي طريقي سان ان کي نظرانداز ڪرڻ جي ڪوشش جاري رهي ته ڪا هڪ چڻنگ ڪنهن غير معمولي تباهي ۽ بربادي جو سبب بڻجي سگهي ٿي. ملڪ تي فوج بدران سياسي پارٽين جي حڪومت آهي. انهن کي هائبرڊ نظام جي آڙ ۾ پنهنجين غلطين کي جائز قرار ڏيڻ جون ڪوششون ڇڏڻ گهرجن. عوام جي محرومين جو جواب ڏيڻ انهن سياسي اڳواڻن تي واجب آهي، جيڪي سندن ووٽ وٺي اقتدار سنڀالڻ جو ناٽڪ ڪن ٿا.