ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته اڄ سنڌ اسيمبلي جي ڪارروائي سڀني ڏٺي، ايم ڪيو ايم پنهنجي پراڻي روايت برقرار رکندي مڪاني حڪومت جي ترميمي بل تي ايوان ۾ گوڙ ڪيو.
هن چيو ته حڪومت چاهي ها ته بل ائين ئي پيش ڪري سگهي پئي، پر مختلف پارٽين تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي وئي، جنهن ۾ سمورين جماعتن جا ميمبر شريڪ هئا.
شرجيل ميمڻ موجب، ايم ڪيو ايم ڪميٽي ۾ بل جي سمورين شقن جي حمايت ڪئي، پر اسيمبلي ۾ اچي پنهنجي موقف تان ڦري وئي.
شرجيل ميمڻ چيو ته اهو ايم ڪيو ايم جو پراڻو طريقو آهي، ايم ڪيو ايم پنهنجي ئي اڳواڻ سان بغاوت ڪئي آهي.
هن چيو ته ايم ڪيو ايم مڪاني چونڊن کان ڀڄي وئي هئي، مصطفيٰ ڪمال خالد مقبول صديقي کي ”را“ جو ايجنٽ قرار ڏنو هو، پر اسان اهڙن الزامن تي يقين نٿا رکون.
صوبائي وزير چيو ته مصطفيٰ ڪمال پنهنجي ڳالهه واضح ڪري يا معافي وٺي، ڇاڪاڻ ته ايم ڪيو ايم جو اسيمبلي اندر ڪجهه ۽ ٻاهر ڪجهه ٻيو موقف هوندو آهي.
شرجيل ميمڻ چيو ته مصطفيٰ ڪمال خالد مقبول کي ”را“ جو ايجنٽ قرار ڏنو هو، پر اڄ هو ڪمال ان ئي شخص جي ماتحت ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن کي هو ”را“ جو ايجنٽ چوندو هو. جيڪڏهن سندس ڳالهه غلط هئي ته مصطفيٰ ڪمال اچي معافي وٺي.
هن چيو ته مڪاني حڪومت جي ترميمي بل ۾ ڪا تمام وڏي ترميم ناهي ڪئي وئي.