اسڪاٽلينڊ، ويلز ۽ اتر آئرلينڊ جي قومپرستن جو برطانيا کان ڌار ٿيڻ جو اعلان

ڪارڊف (ويب ڊيسڪ) برطانيا کان ڌار ٿيڻ جي مهم تيز ٿي وئي آهي، اسڪاٽلينڊ، ويلز ۽ اتر آئرلينڊ جي قومپرست اڳواڻن خوداختياريءَ جي حق بابت تاريخي گڏيل پڌرنامي تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن.
خبر ايجنسي موجب، ويلز جي گادي واري شهر ڪارڊف ۾ ٽنهي علائقن جي قومپرست اڳواڻن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو ويو.
گڏيل پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته بريگزٽ اسان جي معيشتن کي نقصان پهچايو ۽ عوام جا موقعا محدود ڪري ڇڏيا، جڏهن ته اسان جي قومن کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو پاڻ ڪرڻ جو حق حاصل آهي.
پڌرنامي ۾ چيو ويو ته ويسٽ منسٽر جو وقت ختم ٿيڻ جي ويجهو آهي، ڪنهن به ويسٽ منسٽر حڪومت کي جمهوريت روڪڻ يا قومن جي مستقبل بابت فيصلي کي ڪمزور ڪرڻ جو حق ناهي.
ٽنهي علائقن جي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته برطانوي حڪومت آئيني تبديليءَ جي تياري ۽ منصوبابندي ۾ سهولت فراهم ڪري.

 

You might also like