گوگل ڪروم ۾ هاڻي پي ڊي ايف فائل ترجمو ڪرڻ آسان ٿي ويو!

گوگل ڪروم ۾ هڪ نئين فيچر جو واڌارو ڪيو پيو وڃي.

رپورٽ موجب گوگل ڪروم ۾ پي ڊي ايف ترجمي (PDF Translation) جي نئين فيچر جي آزمائش ڪئي پئي وڃي.

هي فيچر هن وقت ڪروم ڪينري (Chrome Canary) ۾ نظر آيو آهي، جنهن ۾ سڀني ڊيسڪ ٽاپ آپريٽنگ سسٽمز جو حوالو موجود آهي.

رپورٽ موجب في الحال هي فيچر فعال ناهي، تنهن ڪري اهو چوڻ ڏکيو آهي ته اهو ڪڏهن تائين سمورن واهپيدارن لاءِ دستياب ڪيو ويندو. هن وقت گوگل ڪروم ۾ پي ڊي ايف فائلن کي سڌو سنئون ترجمو ڪرڻ ممڪن ناهي.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته نئين فيچر ذريعي پي ڊي ايف فائل کي ڪنهن ٻي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري سگهجي ٿو. في الحال هن فيچر بابت گهڻا تفصيل سامهون ناهن آيا.

رپورٽ موجب هن فيچر تحت پي ڊي ايف جي ريڊنگ موڊ ۾ هڪ Translate بٽڻ نظر ايندو، جنهن ذريعي واهپيدار فائل کي پنهنجي گهربل ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري سگهندا.

You might also like