زندگيءَ جي هن حصي ۾ ٻيهر ماءُ بڻجڻ جي اميد نه هئي: ماهره خان

سپر اسٽار ماهره خان چيو آهي ته کيس زندگيءَ جي هن حصي ۾ ٻيهر ماءُ بڻجڻ جي اميد نه هئي.

ماهره خان هڪ ڏينهن اڳ انسٽاگرام تي اعلان ڪيو ته هوءَ جلد هڪ ڀيرو ٻيهر ماءُ بڻجڻ واري آهي، جنهن کان پوءِ سوشل ميڊيا تي اداڪارا کي مبارڪن ۽ نيڪ خواهشن ڏيڻ وارن جو سلسلو شروع ٿي ويو. بعد ۾ اداڪارا ٽورنٽو انٽرنيشنل فلم فيسٽيول ۾ شرڪت دوران ڏنل هڪ انٽرويو ۾ پنهنجي اميد سان هجڻ جي خوشخبري ۽ پنهنجي تجربن بابت تفصيل سان ڳالهايو.

هڪ نجي ٽي وي چينل جي انٽرويو ۾ ماهره خان ٻڌايو ته کيس زندگيءَ جي هن حصي ۾ ٻيهر ماءُ بڻجڻ جي اميد نه هئي. هن وقت سندس زندگي اڳ ئي هڪ خاص رخ ۾ وڌي رهي هئي. سندس پٽ وڏو ٿي چڪو آهي، جڏهن ته هوءَ پنهنجي ڪم، معمول ۽ خودمختياري سان زندگي گذاري رهي هئي.

اداڪارا چيو ته هن مرحلي تي هن پنهنجي زندگيءَ جي هڪ مخصوص انداز جو تصور ڪري رکيو هو، پر ڪيترن ئي سالن کان پوءِ ٻيهر هن سفر جي شروعات هن لاءِ هڪ حقيقي جذباتي تبديلي جو سبب بڻي.

ماهره خان جو چوڻ هو ته انسان پنهنجي زندگيءَ لاءِ گهڻو ڪجهه سوچيندو ۽ منصوبا ٺاهيندو آهي، پر پوءِ الله جي پنهنجي منصوبابندي هوندي آهي ۽ يقيناً سندس منصوبو سڀ کان بهتر هوندو آهي.

هن چيو ته هن صورتحال کيس اهو سکڻ ۾ مدد ڏني آهي ته هر شيءِ کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ رکڻ يا هر سوال جو جواب اڳواٽ ڄاڻڻ ضروري ناهي. ڪڏهن ڪڏهن زندگيءَ کي حيران ڪرڻ ۽ الله جي مرضيءَ اڳيان پاڻ کي ڏئي ڇڏڻ جي ضرورت هوندي آهي. پهريون ڀيرو ماءُ بڻجڻ جو حوالو ڏيندي ماهره خان ٻڌايو ته جڏهن هوءَ پهريون ڀيرو ماءُ بڻجي هئي ته سندس عمر 24 سال هئي، جڏهن ته هاڻي هوءَ 41 سالن جي آهي ۽ جذباتي ۽ جسماني طور تي هڪ مختلف عورت آهي. هن 24 سالن جي عمر ۾ اهو تجربو هڪ خاص معصوميت سان ڪيو هو، صحت به سٺي هئي ۽ هوءَ ممڪن مشڪلاتن بابت گهڻو نه سوچيندي هئي.

هن چيو ته هن ڀيري صورتحال جسماني طور تي وڌيڪ ڏکي ثابت ٿي آهي. ڪجهه ڏينهن ۾ جسم کيس اهي ڪم ڪرڻ جي اجازت نٿو ڏئي، جيڪي سندس ذهن ڪرڻ چاهي ٿو، جڏهن ته هوءَ هميشه مصروف رهڻ، ڪم ڪرڻ، سفر ڪرڻ ۽ هڪ ئي وقت ڪيترائي ڪم ڪرڻ جي عادي رهي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته جذباتي طور تي به اهو تجربو مختلف آهي، ڇاڪاڻ ته هن عمر ۾ انسان اندر وڌيڪ شعور هوندو آهي، هو وڌيڪ ڄاڻيندو آهي، وڌيڪ فڪرمند هوندو آهي ۽ زندگيءَ جي نزاڪت ۽ اهميت کي وڌيڪ سمجهندو آهي.

ماهره خان جو چوڻ هو ته ٻيهر هن عمل مان گذرڻ دوران کيس بيحد خوشي سان گڏ خوف، ٿڪاوٽ ۽ پاڻ کي ڪمزور محسوس ڪرڻ جهڙن جذبن کي به منهن ڏيڻو پيو آهي.

واضح رهي ته ماهره خان 2007ع ۾ علي عسڪري سان شادي ڪئي هئي، جنهن مان سندس پٽ اذلان 15 سيپٽمبر 2009ع تي پيدا ٿيو، جڏهن ته ٻنهي جي 2016ع ۾ طلاق ٿي وئي هئي.

بعد ۾ ماهره خان پنهنجي زندگي سليم ڪريم سان شروع ڪئي ۽ آڪٽوبر 2023ع ۾ ڀوربن ۾ ٻنهي جي شادي ٿي.

You might also like