سنگاپور (ويب ڊيسڪ) سنگاپور جي هڪ شخص کي اڳوڻي گرل فرينڊ تي خرچ ڪيل لکين ڊالر واپس وٺڻ لاءِ داخل ڪيل ڪيس ۾ ناڪامي جو منهن ڏسڻو پيو آهي.
سنگاپور هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته چندر اگروال پنهنجي گرل فرينڊ فيليشيا لي تي 3 لک 69 هزار 200 آمريڪي ڊالر، يعني لڳ ڀڳ ساڍا 10 ڪروڙ پاڪستاني رپيا، پنهنجي مرضي سان خرچ ڪيا هئا، تنهن ڪري هو هاڻي اها رقم واپس وٺڻ جو حقدار ناهي.
سينيئر جج لي سيئو ڪن پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته چندر اگروال رومانوي تعلق قائم ٿيڻ کان اڳ ئي فيليشيا لي کي مسلسل مهانگا تحفا ڏيندو رهيو هو ۽ اهو سلسلو تعلق قائم ٿيڻ کانپوءِ به جاري رهيو.
عدالت موجب، چندر اگروال سڄي عرصي دوران ڪيترائي ڀيرا اهو تاثر پڻ ڏنو ته کيس انهن تحفن يا انهن تي ٿيندڙ خرچن جي واپسي جي ڪا اميد ناهي.
عدالت کي ٻڌايو ويو ته لاجسٽڪس ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر چندر اگروال جي اڳوڻي ايئر هوسٽس فيليشيا لي سان پهرين ملاقات 2019ع ۾ هڪ اڏام دوران ٿي هئي.
ٻئي ڄڻا سيپٽمبر 2022ع کان ڊسمبر 2023ع تائين رومانوي تعلق ۾ رهيا، پر پوءِ چندر اگروال کي شڪ ٿيو ته فيليشيا لي ڪنهن ٻئي همراهه سان به لاڳاپن ۾ آهي، جنهن کانپوءِ سندن رشتي ۾ ڏار پوڻ لڳا.
چندر اگروال مارچ 2024ع ۾ داخل ڪيل ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو ته فيليشيا لي تعلق دوران مختلف موقعن تي کانئس رقم قرض طور پڻ ورتي هئي.
عدالت ۾ پيش ڪيل تفصيل موجب، انهن مبينا قرضن ۾ ڪريڊٽ ڪارڊ جي خرچن لاءِ 2 لک 6 هزار سنگاپوري ڊالر، پرڏيهي سفر لاءِ هڪ لک 29 هزار سنگاپوري ڊالر، اپارٽمينٽ لاءِ 17 هزار سنگاپوري ڊالر ۽ لائف انشورنس جي پريميئم لاءِ 20 هزار سنگاپوري ڊالر شامل هئا.
ٻئي پاسي فيليشيا لي عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته اهي سموري رقم قرض نه، پر محبت ۽ رشتي جي اظهار طور ڏنل تحفا هئا.
فيليشيا لي جي حق ۾ فيصلو ڏيندي جج چيو ته چندر اگروال جي ڪيس ۾ قابل قبول دستاويزي ثبوت موجود ناهن.
جج موجب، چندر اگروال اهڙو ڪو ثبوت پيش نه ڪري سگهيو ته فيليشيا لي قرض وٺڻ لاءِ کانئس ڪا درخواست ڪئي هئي يا ٻنهي وچ ۾ قرض جي واپسي بابت ڪو معاهدو ٿيو هو.
جج پنهنجي فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ته موجود ثبوت واضح طور ظاهر ڪن ٿا ته چندر اگروال فيليشيا لي کان تمام گهڻو متاثر هو ۽ تعلق دوران هن مهانگا تحفا ۽ ٻيون نوازشون ڪيون.
عدالت موجب، خراب نموني رشتي جي انجام تي پهچڻ کانپوءِ چندر اگروال ڪاوڙجي ويو ۽ اڳوڻي گرل فرينڊ کان ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان رقم واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو.
جج اهو به لکيو ته چندر اگروال شاهوڪار آهي، جنهن جا ذوق ۽ شوق مهانگا هئا، جڏهن ته فيليشيا لي ان طبقي سان تعلق نه رکندي هئي.
فيصلي موجب، ڪيترن ئي ٽيڪسٽ پيغامن ۾ فيليشيا لي ان وقت حيرت جو اظهار ڪيو، جڏهن اگروال سندس لاءِ مهانگا تحفا تجويز ڪيا، جڏهن ته ڪجهه موقعن تي هن اهي تحفا قبول ڪرڻ ۾ هٻڪ پڻ ظاهر ڪئي.
پنهنجي لکيل فيصلي جي پڄاڻيءَ تي جج انگريز ڊراما نگار وليم ڪانگريو جو حوالو ڏنو، جنهن پنهنجي ڊرامي ”دي مورننگ برائيڊ“ ۾ لکيو هو ته محبت جڏهن نفرت ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي ته ان کان وڌيڪ غضبناڪ شيءِ آسمان ۾ به ڪا ناهي، ۽ نه ئي ٺڪرايل عورت کان وڌيڪ شديد جذبو دوزخ ۾ ڪٿي ملي سگهي ٿو.
جج ان حوالي سان وڌيڪ لکيو ته هي ڪيس ظاهر ڪري ٿو ته اهڙا جذبات رڳو ڪنهن هڪ جنس تائين محدود ناهن.
واضح رهي ته 2023ع جي شروعات ۾ سنگاپور سان تعلق رکندڙ هڪ شهري ڪوشگن به نورا تان نالي عورت خلاف اهڙي نوعيت جا ٻه ڪيس داخل ڪيا هئا. نورا تان ڪوشگن جي رومانوي اڳڀرائين کي رد ڪري ڇڏيو هو.
انهن ڪيسن ۾ ڪوشگن مجموعي طور 30 لک سنگاپوري ڊالر کان وڌيڪ ماليت جا تحفا واپس وٺڻ جي دعويٰ ڪئي هئي، پر سنگاپور جي عدالت اهي ڪيس پڻ خارج ڪري ڇڏيا هئا.