وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ، محمد بن سلمان جي آمريڪي سينٽڪام سربراهه سان اهم ملاقات

جده (ويب ڊيسڪ)سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزادي محمد بن سلمان سومر ڏينهن جدي ۾ آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽڪام) جي سربراهه ايڊمرل بريڊ ڪوپر سان ملاقات ڪئي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، ملاقات دوران سعودي عرب ۽ آمريڪا وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کانسواءِ خطي جي تازي صورتحال ۽ علائقائي اڳڀرائين تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ميڊيا رپورٽن موجب، ملاقات ۾ سعودي مملڪتي وزير، ڪابينا ميمبر ۽ قومي سلامتي بابت صلاحڪار مساعد بن محمد العيبان پڻ موجود هو.

You might also like