ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪي اليڪٽرڪ جي نظام ۾ ڪيبل ۾ خرابي سبب ڌابيجي ۾ بجلي جي وڏي بريڪ ڊائون ٿي وئي آهي.
واٽر ڪارپوريشن پاران جاري ڪيل بيان موجب صبح 6 وڳي ڌابيجي جي مختلف مرحلن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي، جڏهن ته ڪي اليڪٽرڪ ڌابيجي ۾ بجلي بند ٿيڻ جو سبب ڪيبل ۾ خرابي قرار ڏنو آهي.
واٽر ڪارپوريشن جي ترجمان موجب بريڪ ڊائون سبب ڌابيجي جي ٽئين مرحلي، چوٿين مرحلي ۽ ڪي-ٿري پمپ هائوس جي بجلي بند ٿي وئي، جڏهن ته بجلي بند ٿيڻ سبب 21 مان 10 پمپ غيرفعال ٿي ويا.
واٽر ڪارپوريشن جي ترجمان موجب 10 پمپ بند ٿيڻ سبب ڪراچي کي پاڻي جي فراهمي جزوي طور متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي.
ترجمان جو چوڻ آهي ته بجلي جي جلد بحالي لاءِ ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا سان لاڳيتو رابطي ۾ آهيون، بجلي بحال ٿيندي ئي متاثر ٿيل 10 پمپ فوري طور فعال ڪيا ويندا.
بيان ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته بجلي بحال ٿيڻ کانپوءِ متاثر علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي پڻ فوري طور معمول موجب بحال ڪئي ويندي.
ٻئي طرف ڪي اليڪٽرڪ پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٻوٽن ۾ لڳل باهه سبب ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جون ڪيبلون متاثر ٿيون آهن. فني ٽيم واٽر ڪارپوريشن جي ڪيبلن ۾ باهه لڳڻ واري هنڌ تي موجود آهي.
ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته بجلي جي فراهمي جلد بحال ڪرڻ لاءِ واٽر ڪارپوريشن سان لاڳيتو رابطي ۾ آهي.