انڊونيشيا ۾ 243 مسافرن سان ڀريل مسافر بردار جهاز گم

انڊونيشيا ۾ 243 مسافرن سان ڀريل هڪ مسافر بردار سامونڊي جهاز گم ٿي ويو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب انڊونيشيا ۾ مسافر بردار جهاز جاوا سمنڊ مان سفر ڪري رهيو هو ته ان دوران جهاز سان اختيارين جو رابطو ڪٽجي ويو.

رپورٽ موجب جهاز جاوا جي شهر سورابايا کان بورنيو ٻيٽ جي ڏاکڻي ڪليمانتان صوبي جي شهر بنجرماسن وڃي رهيو هو ۽ جهاز ۾ 243 ماڻهو سوار هئا، جن مان 103 مسافرن کي بچايو ويو آهي، جڏهن ته هڪ مسافر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي وئي آهي.

انڊونيشيا جي ڳولا ۽ بچاءَ واري اداري موجب جهاز جي آخري ڄاتل هنڌ جاوا سمنڊ ۾ بنجرماسن جي هڪ بندرگاهه کان لڳ ڀڳ 148 ڪلوميٽر پري هو. جهاز جي ڳولا لاءِ ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.

انڊونيشي اختيارين جو چوڻ آهي ته آخري ڀيرو رابطو ٿيڻ وقت جهاز مان خراب موسم کي منهن ڏيڻ بابت آگاهه ڪيو ويو هو.

You might also like