تهران(ويب ڊيسڪ)ايران آبناءِ هرمز کولڻ لاءِ آمريڪا اڳيان ست شرط رکي ڇڏيون آهن، جڏهن ته گڏوگڏ واضح ڪيو آهي ته عمان سان سومر ڏينهن ٿيل معاهدي جي نتيجي ۾ آبنائي هرمز نه کولي ويندي.
روسي ميڊيا موجب ايران وچ وارن ذريعي آمريڪا اڳيان ست شرط رکيا آهن، تنهن هوندي به انهن شرطن جا تفصيل ظاهر نه ڪيا ويا آهن.
روسي ميڊيا موجب رڳو ايترو ٻڌايو ويو آهي ته ايران آمريڪا تي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته شرطون پوريون نه ڪيون ويون ته آبناءِ هرمز نه کولي ويندي.
ايران جي پرڏيهي معاملن واري وزارت جو چوڻ آهي ته تهران سومر ڏينهن مسقط ۾ اجلاس جي ميزباني ڪندو، جنهن ۾ عراق ۽ نار وارن ملڪن جا نمائندا پڻ شرڪت ڪندا.
ٻڌايو ويو آهي ته انهن ملڪن کي دعوت ڏيڻ جو مقصد کين نئين رستي جي تفصيل ۽ سامان جي اچ وڃ جي انتظامن بابت آگاهي ڏيڻ آهي.
ايران ۽ عمان وچ ۾ ٿيل معاهدي تحت فارس نار ۾ داخل ٿيڻ وارو رستو مڪمل طور ايراني سامونڊي حدن مان گذرندو، جڏهن ته فارس نار مان ٻاهر نڪرڻ وارو رستو جزوي طور ايراني سامونڊي حدن مان گذرندو.
هي اچ وڃ ايراني ضابطن تحت ٿيندي، جڏهن ته ڏاکڻو رستو، جنهن کي کولڻ لاءِ آمريڪا زور ڏئي رهيو آهي، اهو بند ڪيو ويندو.