انگلينڊ مان تَڙِي پار ڪيل، محمد رضوان ۽ امام الحق ڪرڪيٽ لاءِ نااهل قرار

ذريعن موجب، محمد رضوان ۽ امام الحق پريزيڊنٽ ٽرافي گريڊ ون ۾ حصو نه وٺي سگهندا، ڇاڪاڻ ته ضابطن موجب ٻنهي ڪرڪيٽرن پنهنجي ڊپارٽمينٽل ٽيمن کي فٽنيس ٽيسٽ نه ڏنا آهن، جڏهن ته فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ کيڏڻ لاءِ پي سي بي طرفان ٽيمن لاءِ فٽنيس ٽيسٽ وٺڻ ۽ ان جي رپورٽ جمع ڪرائڻ لازمي قرار ڏنل آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڪرڪيٽرن جي پنهنجي ڊپارٽمينٽن وٽ فٽنيس بابت ڪا به رپورٽ موجود ناهي، جنهن سبب فٽنيس ٽيسٽ نه ڏيڻ ۽ رپورٽ نه هجڻ جي بنياد تي ٻئي رانديگر ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ لاءِ اهل ناهن رهيا.
محمد رضوان سوئي ناردرن گيس جو نائب ڪپتان آهن، جڏهن ته ڪپتان شان مسعود جي پهرئين رائونڊ ۾ غير موجودگي سبب محمد رضوان کي ٽيم جي قيادت ڪرڻي هئي.
سوئي ناردرن گيس جي پهرين ميچ سڀاڻي کان اسٽيٽ بئنڪ خلاف شيڊيول آهي.
ٻئي پاسي امام الحق او جي ڊي سي جا ڪپتان آهن ۽ سندس ٽيم جي به سڀاڻي کان پي ٽي وي خلاف ميچ رٿيل آهي.
واضح رهي ته ٻنهي رانديگرن کي انگلينڊ جي دوري تان وطن واپس گهرايو ويو هو، جڏهن ته ٻنهي خلاف جاچ پڻ جاري آهن.

You might also like