”ٽيسٽ ڪرڪيٽ کي عزت نه پيا ڏيو“، صائم ايوب کي کيڏائڻ تي ناصر حسين جو سخت ردعمل

لاهور (ويب ڊيسڪ) ويسٽ انڊيز ۾ سي پي ايل کيڏندڙ پاڪستاني ڪرڪيٽر صائم ايوب کي ايجبسٽن ٽيسٽ ۾ کيڏائڻ تي اڳوڻي انگلش ڪپتان ناصر حسين سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.
ايجبسٽن ٽيسٽ جي ٻنهي اننگز ۾ ”ٻُڙيءَ“ تي آئوٽ ٿيندڙ صائم ايوب بابت ناصر حسين چيو ته سچ اِهو آهي ته صائم کي هتي نه هئڻ گهرجي ها، هو سي پي ايل مان آيو ۽ ڪجهه عرصي کان فرسٽ ڪلاس ميچ به نه کيڏي هئي، پوءِ ڪير اهو سوچي سگهي ٿو ته ڪنهن رانديگر کي مختلف ڪنڊيشنز مان گهرائي انهن حالتن ۾ کيڏايو وڃي ۽ هو ڪامياب ٿي ويندو.
ناصر حسين سوال اُٿاريو ته ٻئي فارميٽ مان اچي ڪو رانديگر ڊيوڪ بال، رابنسن ۽ انگلينڊ جي بالنگ اٽيڪ جو ڪيئن مقابلو ڪري سگهي ٿو؟
هن چيو ته اِهو عمل ٽيسٽ ڪرڪيٽ کي عزت ۽ اهميت نه ڏيڻ برابر آهي، ٽيسٽ ڪرڪيٽ سڀني فارميٽس مان ڏکيو فارميٽ آهي، جڏهن ته انگلينڊ ۾ ٽاپ آرڊر ۾ بيٽنگ ڪرڻ هڪ وڏو چئلينج آهي.
اڳوڻي انگلش ڪپتان وڌيڪ چيو ته توهان دنيا جي هڪ حصي مان رانديگر کي گهرائي چئو ٿا ته ”گُڊ لڪ“، ماضي ۾ وريندر سهواگ کي به هتي گهرايو ويو هو، ياد هوندوَ ته هن به ايجبسٽن ۾ پيئر ڪيو هو.
ناصر حسين جو چوڻ هو ته وريندر سهواگ صائم ايوب کان وڌيڪ تجربيڪار رانديگر هو، جڏهن ته صائم ايوب انگلينڊ خلاف ايجبسٽن ٽيسٽ جي ٻنهي اننگز ۾ کاتو به نه کولي سگهيو.

You might also like