لاهور (ويب ڊيسڪ) نيشنل سائبر ڪرائيم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) جي جاچ ۾ ڪرڪيٽرن امام الحق ۽ محمد رضوان جي موبائل فونن جو فارنزڪ تجزيو جاري آهي.
ذريعن موجب، جاچ جو مرڪزي فوڪس مالي معاملن ۽ شڪي ڏيتي ليتي تي آهي، جڏهن ته انگلينڊ سيريز کان اڳ ۽ پوءِ جا مالي معاملا به جاچ جو حصو آهن. ٻنهي رانديگرن جي بئنڪ اڪائونٽن جا تفصيل پڻ چيڪ ڪيا پيا وڃن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته لاڳاپيل عرصي دوران ٻنهي رانديگرن جي بئنڪ اڪائونٽن ۾ ٿيندڙ ٽرانزيڪشنز جو جائزو ورتو پيو وڃي.
ان کانسواءِ ان ڳالهه جي به جاچ جاري آهي ته رقم ڪٿان آئي ۽ ڪنهن کي منتقل ڪئي وئي، جڏهن ته ڪنهن ڪمپني، شخص يا اداري طرفان ڪيل شڪي ادائگين جو پڻ جائزو ورتو ويندو.
اين سي سي آءِ اي ذريعن موجب موبائل فونن مان حاصل ٿيندڙ ڊيٽا کي مالي ڏيتي ليتي بابت جاچ سان ڳنڍيو پيو وڃي، جڏهن ته پيغامن، رابطن ۽ ٻين ڊجيٽل ڄاڻ جو پڻ فارنزڪ تجزيو جاري آهي.
ذريعن موجب جاچ جو هڪ اهم پاسو انگلينڊ سيريز دوران مبينا ڊريسنگ روم ليڪس پڻ آهي.
واضح رهي ته امام الحق ۽ محمد رضوان گذريل ڏينهن اين سي سي آءِ اي لاهور ۾ پيش ٿيا هئا.
ذريعن جو اهو به چوڻ هو ته ان کان اڳ پي سي بي ٻنهي ڪرڪيٽرن جا موبائل فون پنهنجي قبضي ۾ وٺي لاڳاپيل اداري ڏانهن اماڻيا هئا.
”رقم ڪٿان آئي، ڪاڏي وئي؟“ رضوان ۽ امام جي بئنڪ اڪائونٽن ذريعي شڪي ڏيتي ليتي جي ڇنڊڇاڻ
You might also like