اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)آمريڪا جي اقتصادي پاليسي جي ناڻي واري اڳوڻي اسسٽنٽ سيڪريٽري پال ڪريگ رابرٽس هڪ انٽرويو ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي پنهنجي رستي تان هٽائي آمريڪا کي ايران خلاف استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن جو مقصد، سندس چوڻ موجب، صهيوني ايجنڊا تحت ”گريٽر اسرائيل“ جي منصوبي کي اڳتي وڌائڻ آهي.
پال ڪريگ رابرٽس چيو ته سندس خيال ۾ اها ڳالهه بلڪل واضح آهي ته 21هين صديءَ جي پهرين چوٿين حصي دوران وچ اوڀر ۾ وڙهيل آمريڪي جنگين جي اصل نوعيت کي ڪيترائي ماڻهو اڃا تائين سمجهي نه سگهيا آهن، ڇاڪاڻ ته آمريڪي عوام آڏو انهن جنگين کي دهشتگردي خلاف ڪارروائي طور پيش ڪيو ويو، جڏهن ته سندس چوڻ موجب حقيقت ۾ عراق، لبيا ۽ شام خلاف جنگيون انهن ملڪن کي رستي تان هٽائڻ لاءِ هيون، جيڪي ”گريٽر اسرائيل“ جي منصوبي جي راهه ۾ رڪاوٽ سمجهيا ويندا هئا.
هن وڌيڪ چيو ته سندس نظر ۾ ”گريٽر اسرائيل“ رڳو ڪو سازشي نظريو ناهي، ڇاڪاڻ ته مختلف اسرائيلي وزيراعظمن ۽ ٻين وزيرن اهڙا نقشا ڏيکاريا آهن، جن کي هو ان تصور سان ڳنڍين ٿا، جڏهن ته تازو نقشن ۾ نيل ندي کان وٺي پاڪستان تائين جا علائقا به شامل ڏيکاريا ويا آهن.
پال ڪريگ رابرٽس چيو ته ان پسمنظر ۾ اسرائيل جي توسيع پسند سوچ مسلمانن لاءِ انتهائي سنگين خطرا پيدا ڪري رهي آهي.
هن انٽرويو تي ردعمل ڏيندي سينيٽر مشاهد حسين سيد نون صوبن جي حامين کي خبردار ڪندي چيو ته هاڻي ٻلي ٿيلهي مان ٻاهر اچي وئي آهي ۽ هڪ اڳوڻو سينيئر آمريڪي عهديدار به خطري جي گهنٽي وڄائي رهيو آهي، تنهنڪري پاڪستان کي ڪمزور ڪندڙ غير سنجيده ۽ بنا سوچ ويچار جي تجويزن ذريعي ملڪ دشمن قوتن جا هٿ مضبوط نه ڪرڻ گهرجن، جيڪي مسلم دنيا لاءِ نوان نقشا تيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن.
مشاهد حسين سيد چيو ته صهيوني منصوبي جا ٽي اهم پاسا واضح آهن. پهريون اهو ته پاڪستان کي آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، جيئن نيتن ياهو مبينا طور ايپسٽين فائلن ذريعي دٻاءُ وجهي ٽرمپ کي ايران خلاف جنگ ۾ ڦاسايو.
هن وڌيڪ چيو ته ٻيو اهو ته پاڪستان کي يمن جهڙن مسلمانن وچ ۾ تڪرارن ۾ الجهائي ڪمزور ڪيو وڃي ۽ پوءِ ملڪ اندر ”صوبائيت“ کي هٿي ڏئي وفاق کي عملي طور هڪ وفاقي اتحاد ۾ تبديل ڪرڻ جي راهه هموار ڪئي وڃي. ٽيون اهو ته پاڪستان، ترڪي ۽ ايران جهڙن وڏن مسلمان ملڪن کي ورهائي ڪمزور ڪيو وڃي، جنهن جي مثال ڏيندي هن انڊونيشيا مان اوڀر تيمور ۽ سوڊان مان ڏکڻ سوڊان جي علحدگيءَ جو حوالو ڏنو.
مشاهد حسين سيد موجب پاڪستان ۾ نون صوبن بابت تجويزن کي رڳو اندروني انتظامي معاملو سمجهڻ بدران وسيع علائقائي ۽ جاگرافيائي سياسي پسمنظر ۾ ڏسڻ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته اهڙيون تجويزون آخرڪار پاڪستان کي اندروني طور ڪمزور ڪرڻ ۽ مسلم دنيا جي وڏن ملڪن کي ورهائڻ وارن منصوبن لاءِ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿيون.