ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي مشهور اداڪار سلمان خان جي ساڄي هٿ ۾ هميشه فيروزي پٿر وارو بريسليٽ پائڻ جو سبب سامهون اچي ويو آهي.
سلمان خان کي سدائين، ايتري تائين جو خاص تقريبن ۾ به، پنهنجي ساڄي هٿ ۾ فيروزي رنگ جي پٿر وارو بريسليٽ پاتل نظر ايندو آهي.
سندس مداح کيس هميشه اهو بريسليٽ پاتل ڏسي ڄاڻڻ چاهيندا آهن ته آخر هو اهو ڇو پائيندو آهي؟ ڇا هن بريسليٽ سان اداڪار جي زندگيءَ جي ڪا خاص ياد جڙيل آهي؟
سلمان خان مداحن جي ذهنن ۾ ايندڙ انهن سوالن جا جواب پنهنجي هڪ پراڻي انٽرويو ۾ ڏئي چڪو آهي، جيڪو هاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر سامهون آيو آهي.
هن ٻڌايو هو ته منهنجو پيءُ سليم خان به اهڙي قسم جو بريسليٽ پائيندو هو، جنهن سان مان ننڍپڻ ۾ کيڏندو به هئس. پوءِ فلمي دنيا ۾ اچڻ کانپوءِ پيءُ اهو بريسليٽ مون کي تحفي ۾ ڏنو، جيڪو وقت سان گڏ منهنجي انداز ۽ شخصيت جو مستقل حصو بڻجي ويو.
ان کانسواءِ سلمان خان فيروزي پٿر بابت اهو عقيدو به رکي ٿو ته اهو پٿر ناڪاري اثرن کي پاڻ ۾ جذب ڪري انسان جي ذهن کي هر قسم جي ذهني ڇڪتاڻ کان محفوظ رکي ٿو.