تيونس ۾ ايراني سفارتخاني آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي تنقيد ڪرڻ لاءِ بالي ووڊ اداڪار اڪشي ڪمار جي مشهور ميم جو سهارو ورتو.
ايراني سفارتخاني اها ميم پنهنجي سرڪاري ايڪس کاتي تي ان وقت شيئر ڪئي، جڏهن ايران دعويٰ ڪئي ته پاسدارانِ انقلاب 8 سيپٽمبر تي آبناءِ هرمز جي داخلا وٽ هڪ بنا پائلٽ واري آمريڪي ڊرون آبدوز کي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو آهي.
پاسدارانِ انقلاب موجب بحري فوج صبح جي وقت هڪ پيچيده ڳجهي ڄاڻ ۽ ڪارروائي دوران ان آبدوز کي قبضي ۾ ورتو.
ايراني فوجن مبينا طور قبضي ۾ ورتل آمريڪي ڊرون آبدوز جي وڊيو ۽ تصويرون پڻ جاري ڪيون، جڏهن ته آمريڪا مختلف موقف اختيار ڪندي چيو ته اها هڪ پراڻي نموني جي آبدوز هئي، جيڪا ڪارروائي دوران خراب ٿي وئي هئي.
ايراني سفارتخاني هن معاملي تي باضابطا ردعمل ڏيڻ بدران طنزيه انداز اختيار ڪيو ۽ 2011ع جي بالي ووڊ مزاحيه فلم ’هي بي بي‘ مان اڪشي ڪمار جي تصوير تي ٻڌل ميم شيئر ڪري ڇڏي.
ميم سان گڏ سفارتخاني لکيو ته هڪ ڊرون آبدوز گم ٿي وئي، تيل جي قيمت 100 ڊالرن جي ويجهو پهچي رهي آهي، چونڊون ويجهو آهن، ٽرمپ، تنهنجو ڇا حال آهي؟
ميم ۾ اڪشي ڪمار جي طنزيه ۽ شرارتي انداز کي استعمال ڪندي ڊرون آبدوز واري معاملي کي مزاحيه انداز ۾ پيش ڪيو ويو، جڏهن ته تيل جي قيمتن ۽ ايندڙ چونڊن جو حوالو ڏئي ٽرمپ تي وڌيڪ طنز ڪيو ويو.