پي ٽي آءِ پارلياماني پارٽي جي اجلاس جي اندرين ڪهاڻي سامهون اچي وئي

پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي پارلياماني پارٽيءَ جي اجلاس جي اندرين ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي. ذريعن موجب پنجاب سان واسطو رکندڙ ميمبرن لانگ مارچ بابت صلاح مشورو نه ڪرڻ جون شڪايتون ڪيون.

ذريعن موجب ميمبرن چيو ته سهيل آفريدي ۽ بئرسٽر گوهر صلاح مشوري کانسواءِ 27 سيپٽمبر جي سڏ ڏنو. سهيل آفريدي گهٽيءَ واري تحريڪ بابت پنجاب جي چئن علائقن کان صلاح مشورو گهريو.

ان حوالي سان ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اتر پنجاب سهيل آفريدي جي گهٽيءَ واري تحريڪ جي مخالفت ۾ موقف اختيار ڪيو، جڏهن ته ڏکڻ پنجاب جي ميمبرن سهيل آفريدي کي گهٽيءَ واري تحريڪ ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

ذريعن موجب اجلاس ۾ فردوس شميم نقوي لانگ مارچ بابت حڪمت عملي کان آگاهه ڪيو.

اجلاس ۾ پنجاب سان واسطو رکندڙ مرڪزي اڳواڻن جي شرڪت نه ڪرڻ ۽ غيرحاضري تي ميمبرن ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو.

You might also like