سرگودا جي ڳوٺ 90 اتر ۾ ڇوڪري سان مبينا زيادتي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب واقعو ٻه ڏينهن اڳ پيش آيو، جڏهن ته متاثر ڇوڪري جي والد جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
فريادي الزام لڳايو آهي ته سندس ڌيءَ هڪ خانگي اسڪول ۾ استاد هئي ۽ هڪ مائٽ کيس سٺي نوڪري ڏيارڻ جو آسرو ڏئي پاڻ سان گڏ وٺي ويو هو.
ڇوڪري جي والد موجب جوابدار ڌيءَ سان زيادتي ڪئي ۽ سندس تصويرون پڻ ٺاهيون.
پوليس جو چوڻ آهي ته طبي معائني لاءِ متاثر ڇوڪري کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.