ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديا جاويد جو چوڻ آهي ته اسان ڪڏهن به اها دعويٰ ناهي ڪئي ته ڪراچي ۾ ڏوهن جي شرح ٻڙي ٿي وئي آهي.
خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته ڪراچي ۾ جنوري کان آگسٽ تائين ڏوهن جي شرح ۾ گهٽتائي آئي آهي، حڪومت ڏوهن خلاف قدم کڻي رهي آهي.
سعديا جاويد جو چوڻ آهي ته سيپٽمبر جي شروعاتي ڏينهن ۾ ڏوهن ۾ ڪجهه واڌ ٿي آهي، ڏوهن جي روڪٿام ۾ ڪٿي نه ڪٿي پوليس کان ڪوتاهي ٿي آهي.
سنڌ حڪومت جي ترجمان چيو ته ڪلفٽن ۾ بئنڪ ٻاهران شهري کان ڦر ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
هن ٻڌايو ته ڏوهن جي روڪٿام بابت سنڌ جي گهرو معاملن واري وزير پوليس آفيسرن جو اجلاس طلب ڪيو آهي.