”خالد مقبول پاڪستاني پاسپورٽ ساڙي ڀارتي پاسپورٽ تي آمريڪا ويو هو“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر وزير سعيد غني چيو آهي ته مصطفيٰ ڪمال جو اهو بيان اسيمبلي ۾ هلائڻ گهرجي ها، جنهن ۾ هن چيو هو ته خالد مقبول صديقي پاڪستاني پاسپورٽ کي باهه ڏئي ڀارتي پاسپورٽ تي آمريڪا سفر ڪيو.
هڪ بيان ۾ صوبائي وزير سعيد غني چيو ته سنڌو ديش ته موضوع ئي ناهي، اهو معاملو اوچتو ڪٿان اچي ويو؟
هن وڌيڪ چيو ته ماضي ۾ سنڌو ديش جي اڳواڻن سان ايم ڪيو ايم جا لاڳاپا رهيا آهن.

You might also like