سنڌ سياسي ميدان ۾ پيپلز پارٽي اڳتي، قومپرستن جي خاموشي سندن اثر گهٽائي سگهي ٿي: نعمت کهڙو

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) سينيئر صحافي نعمت کهڙي چيو آهي موجوده سياسي صورتحال ۾ پيپلز پارٽي سنڌ جي سياسي ميدان ۽ ملڪ جي مجموعي سياست ۾ سڀني قومپرستن ۽ اپوزيشن کان اڳتي نظر اچي رهي آهي.
فيسبڪ تي ڪيل پوسٽ ۾ هن چيو ته هو ماضي ۾ آصف علي زرداري ۽ پيپلز پارٽي جي طرزِ حڪمراني جو سخت نقاد رهيو آهي، پر موجوده صورتحال ۾ آصف زرداري ٻين سياسي اڳواڻن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اثرائتو نظر اچي رهيو آهي.
نعمت کهڙي جو چوڻ هو ته سنڌ جي وحدت، بقا ۽ سلامتي جي معاملي تي پيپلز پارٽي اسيمبلين ۾ تقريرن ۽ قراردادن کانپوءِ هاڻي روڊن تي به سرگرم نظر اچي رهي آهي، جڏهن ته ٻين قومپرست ۽ مخالف ڌر جي جماعتن جي خاموشي نمايان آهي.
هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن قومپرست ۽ سنڌ دوست ڌريون موجوده صورتحال ۾ خاموش رهيون ته سندن سياسي اثر وڌيڪ گهٽجي سگهي ٿو ۽ ايندڙ وقت ۾ عوام انهن کان سوال ڪرڻ به ڇڏي سگهي ٿو.
سينيئر صحافي چيو ته سياسي اڳواڻن کي فوري طور سرگرم ٿي عوام جي وچ ۾ اچڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ سياسي ميدان ۾ نوان رخ پيدا ٿي سگهن ٿا.
هن چيو ته هو سنڌ جي لکين نوجوانن مان مايوس ناهي، جيڪڏهن قومي قيادت اڳتي نه آئي ته سنڌ جا نوجوان پنهنجا رستا پاڻ ڳوليندا.
نعمت کهڙي موجب موجوده ماحول انتهائي جذباتي آهي ۽ سنڌ جي تاريخ ۾ صورتحال ان حد تائين تبديل ٿي رهي آهي، جو هاڻي ڪارڪن اڳواڻن کي ڳولي رهيا آهن، جڏهن ته اڳ اڳواڻ ڪارڪنن کي ڳوليندا هئا.

You might also like