ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2013ع ۾ ترميم لاءِ سنڌ لوڪل گورنمينٽ (ترميمي) بل 2026ع تي تفصيلي غور ۽ تجويزن لاءِ 12 رڪني خصوصي ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي.
سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ قانون ۽ پارلياماني معاملن واري وزير ضياءُ الحسن لنجار مختلف قانوني ترميمون ۽ بل پيش ڪيا.
سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2013ع ۾ ترميم لاءِ سنڌ لوڪل گورنمينٽ (ترميمي) بل 2026ع تي تفصيلي غور ۽ تجويزن لاءِ 12 رڪني خصوصي ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي.
خصوصي ڪميٽي بل تي تفصيلي بحث ڪرڻ کانپوءِ هڪ هفتي اندر پنهنجي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪندي.
اجلاس دوران سنڌ آبڪاري ايڪٽ ترميمي بل 2026ع ۽ سنڌ موٽر وهيڪل ترميمي بل پڻ ايوان مان منظور ڪيا ويا.
You might also like