جنگ جي خاتمي لاءِ پاسدرانِ انقلاب جون شرطون سامهون اچي ويون، آمريڪا کان 24 ارب ڊالر به گهري ورتا

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني پاسدارانِ انقلاب جو چوڻ آهي ته جنگ ختم ڪرڻ لاءِ آمريڪا کي پنهنجون ڌمڪيون ۽ تهران جي ايٽمي ۽ ميزائل پروگرامن ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت بند ڪرڻي پوندي.
برطانوي ميڊيا موجب، پاسدارانِ انقلاب جي ترجمان حسين محبي جو چوڻ آهي ته ”جيڪڏهن مخالف ڌر هن صورتحال جو خاتمو چاهي ٿي ته ان کي مڪمل طور جنگ روڪڻي پوندي ۽ مستقبل ۾ ڌمڪيون ڏيڻ به بند ڪرڻيون پونديون.“
هن چيو ته اسرائيل جي لبنان مان نيڪالي ۽ يمن جي ناڪابندي ختم ڪرڻ به ايران جي شرطن ۾ شامل آهن.
ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ مفاهمتي يادداشت ۾ ايران سمورن محاذن، خاص طور لبنان ۾ جنگ بندي جو مطالبو ڪيو هو، جڏهن ته ان معاهدي ۾ يمن جو ذڪر نه ڪيو ويو هو.
پاسدارانِ انقلاب جي ترجمان منجمد ايراني اثاثن مان 24 ارب ڊالر جي رقم جاري ڪرڻ جو مطالبو پڻ ڪيو.
هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا کي ايران جي ايٽمي ۽ ميزائل صلاحيتن ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت بند ڪرڻي پوندي.

You might also like