عالمي مارڪيٽ ۾ تيل اگهه 6 هفتن جي بلند ترين سطح تي پهچي ويا

عالمي منڊي (ويب ڊيسڪ) اربع ڏينهن عالمي مارڪيٽ ۾ برينٽ ڪچي تيل جي مستقبل جي سودن (فيوچرز) جي قيمت 100 ڊالر في بيرل جي سطح کان مٿي هلي وئي، جيڪا 6 هفتن کان وڌيڪ عرصي دوران ڪچي تيل جي بلند ترين سطح آهي.
پاڪستاني وقت موجب ڏينهن جو 1 لڳي 2 منٽن تي برينٽ تيل جا فيوچرز 2.01 ڊالر، يعني 2.05 سيڪڙو واڌ سان 99.93 ڊالر في بيرل تي هئا، جڏهن ته ان کان اڳ تيل جي قيمت 100.19 ڊالر في بيرل تائين پهچي وئي هئي.
ٻئي پاسي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ (ڊبليو ٽي آءِ) ڪچي تيل جي قيمت 1.49 ڊالر، يعني 1.60 سيڪڙو واڌ سان 94.52 ڊالر في بيرل تي ٽريڊ ڪري رهي هئي.

You might also like