سنڌ لوڪل گورنمينٽ ترميمي بل 2026 جو مسودو تيار، نئين بل ۾ ميئر، ڊپٽي ميئر ۽ يونين چيئرمين جا اختيار واضح

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ لوڪل گورنمينٽ ترميمي بل 2026ع جو مسودو تيار ڪيو ويو آهي، جنهن جي ڪاپي به سامهون اچي وئي آهي.
مسودي موجب، مدو ختم ٿيڻ کانپوءِ ايندڙ مڪاني چونڊن تائين موجودا ميئر يا چيئرمين ايڊمنسٽريٽر طور ڪم جاري رکندو، جڏهن ته سنڌ حڪومت ڪائونسل جو مدو ختم ٿيڻ کان 120 ڏينهن اڳ نين مڪاني چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن کي درخواست ڏيندي.
بل 2026ع جي مسودي موجب، ڊپٽي ميئر يا وائيس چيئرمين ڪائونسل جو ڪنوينر هوندو، جنهن کي اجلاس جي صدارت ۽ ڪارروائي هلائڻ جو اختيار پڻ حاصل هوندو، ميئر يا چيئرمين پاران تفويض ڪيل واڌو اختيار پڻ ڊپٽي ميئر يا وائيس چيئرمين استعمال ڪري سگهندو.
مسودي موجب، ڪي ايم سي سميت ميٽروپوليٽن ڪارپوريشنز لاءِ ميٽروپوليٽن ڪمشنر ئي چيف ايگزيڪيوٽو هوندو.
يونين ڪائونسل، يونين ڪميٽي، ٽائون ڪميٽي ۽ ميونسپل ڪميٽي ۾ عوامي تڪرارن جي حل لاءِ ٽياڪڙي فورم قائم ڪيو ويندو، فورم ٽن ٽياڪڙن تي ٻڌل هوندو، جن جي نامزدگي مقامي معتبر ماڻهن مان ڪئي ويندي.
مسودي موجب ايس ايڇ او مقامي عوامي تحفظ ۽ امن امان بابت يونين چيئرمين سان رابطو ڪندو، جڏهن ته ايس ايس پي اثرائتي پوليسنگ لاءِ ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين يا ڪارپوريشن جي ميئر سان رابطو ڪرڻ جو پابند هوندو، پوليس سان رابطو ضلعي پوليس انتظاميا، فوجداري جاچ ۽ فريادي جي معاملن تائين نه وڌائي سگهندو.
يونين ڪائونسل غيرقانوني اڏاوتن ۽ بلڊنگ ڪنٽرول جي ڀڃڪڙين جي نشاندهي ڪري سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي آگاهه ڪندي.
مسودي موجب، يونين ڪائونسل پنهنجي علائقي ۾ ڪچري جي مسئلن جي نشاندهي ڪري لاڳاپيل اختيارين کي ڄاڻ ڏيندي ، جڏهن ته عوامي خدمتن سان لاڳاپيل انفرااسٽرڪچر جي هنڌ ۽ حدن کي ظاهر ڪندڙ تفصيلي نقشا تيار ڪرڻا پوندا.
ان کانسواءِ لوڪل گورنمينٽ ڪميشن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ هر ٽن مهينن کانپوءِ اجلاس ڪوٺائڻ لازمي هوندو، چونڊيل نمائندن ۽ مڪاني حڪومت جي آفيسرن جي تربيت لاءِ ڪائونسلن کي سالياني بجيٽ ۾ فنڊ مختص ڪرڻا پوندا.
ڪائونسلون تربيتي پروگرام پاڻ لاڳو ڪرڻ يا مناسب صورت ۾ آئوٽ سورس ڪرڻ جون مجاز هونديون، جڏهن ته عورتن ۽ معذور ماڻهن جي مسئلن ۽ ڪائونسل ۾ سندن شرڪت بابت گڏيل رپورٽون پڻ جمع ڪرائڻيون پونديون.

You might also like