حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن (ايس پي ايس سي) جي ايڊيشنل ڪنٽرولر امتحان امتياز احمد جاگيراڻي کي بدانتظامي جي الزام هيٺ فوري طور معطل ڪيو ويو آهي.
ايس پي ايس سي طرفان 8 سيپٽمبر 2026ع تي جاري ڪيل حڪم موجب، امتياز احمد جاگيراڻي، جيڪو 18هين گريڊ جو آفيسر آهي، جون خدمتون سنڌ سول سرونٽس (ايفيشنسي اينڊ ڊسپلن) رولز 1973ع تحت معطل ڪيون ويون آهن.
جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته معطلي واري عرصي دوران سندس هيڊڪوارٽر ايس پي ايس سي جو هيڊ آفيس حيدرآباد هوندو، جڏهن ته کيس ضابطن موجب پگهار ۽ الائونسز ملندا رهندا.
ذريعن موجب، امتياز جاگيراڻي خلاف بدانتظامي جي معاملن جي جاچ ايس پي ايس سي جي ميمبر وڪرم سنگهه ڪندو.
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ايڊيشنل ڪنٽرولر امتحان امتياز جاگيراڻي معطل، بدانتظامي جي معاملن جي جاچ شروع
You might also like