ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪي ايم سي هيڊ آفيس ۾ باهه لڳڻ کانپوءِ هاڻي اهو الزام نه لڳي وڃي ته ڪو رڪارڊ سڙي ويو آهي.
ڪي ايم سي هيڊ آفيس ۾ باهه واري واقعي بابت ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته باهه اوچتو لڳي ٿي يا لڳائي وڃي ٿي، ان جي حقيقت جاچ کانپوءِ ئي سامهون ايندي.
هن چيو ته سندس آفيس ۾ موجود فائلون عام طور تي بنا صحيح جي هونديون آهن ۽ صحيح ٿيڻ کانپوءِ اهي لاڳاپيل آفيسرن جي آفيسن تائين پهچايون وينديون آهن.
هن چيو ته مان الزامن کان پاسو ڪندو آهيان، پر هاڻي اهو الزام نه لڳي وڃي ته ڪو رڪارڊ سڙي ويو آهي.
ميئر ڪراچي موجب، باهه واري واقعي جي جاچ لاءِ چيف فائر آفيسر کي ٽاسڪ ڏنو ويو آهي.
واضح رهي ته اڄ صبح ڪي ايم سي هيڊ آفيس ۾ ميئر ڪراچي جي آفيس سان لاڳاپيل ڪچن ۾ باهه لڳي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ ميئر جو دفتر مڪمل طور سڙي ويو.
”باهه لڳندي آهي يا ڏني ويندي آهي “ ڪي ايم سي باهه واقعي تي مرتضيٰ وهاب جو ردِعمل
Prev Post
You might also like