ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران مختلف معاملن تي ميمبرن وچ ۾ سخت بحث، احتجاج ۽ سياسي ڇڪتاڻ ڏسڻ ۾ آئي، جڏهن ته ايم ڪيو ايم ميمبرn پنهنجي سيٽن تان اُٿي اسپيڪر جي ڊائس آڏو”سنڌو ديش نامنظور“ جا نعرا هنيا.
اجلاس دوران ڊپٽي اسپيڪر اينٿوني نويد ڪرسچن فيملي لاز بل 2026ع ايوان ۾ تعارف لاءِ پيش ڪيو.
اينٿوني نويد چيو ته اهو هڪ تاريخي بل آهي، جيڪو ڏيڍ سئو سالن کانپوءِ ڪنهن صوبائي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو پيو وڃي.
هن چيو ته بل ۾ ڪرسچن ڪميونٽي جي شادي جي عمر پڻ طئي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته بل جي حمايت ڪرڻ تي چرچ ليڊرشپ جو ٿورائتو آهيان، بل کي وڌيڪ غور لاءِ لاڳاپيل ڪميٽي ڏانهن اماڻيو ويو.
سنڌ اسيمبلي ۾ جماعت اسلامي جي ميمبر محمد فاروق ليوي ٽيڪس ختم ڪرڻ جو ٺهراءُ پيش ڪيو.
صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار چيو ته ليوي ٽيڪس ختم ڪرڻ وفاقي حڪومت جو معاملو آهي ۽ سنڌ حڪومت پاڻ ليوي ٽيڪس ختم نٿي ڪري سگهي، پر وفاقي حڪومت کان ليوي ٽيڪس ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري سگهي ٿي، جنهن کانپوءِ سنڌ اسيمبلي وفاقي حڪومت کان ليوي ٽيڪس ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪندڙ قرارداد منظور ڪري ورتي.
بعد ۾ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس سڀاڻي منجهند 2 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.
سنڌ اسيمبلي اجلاس: پيٽرول ليوي ختم ڪرڻ بابت ٺهراءُ منظور، ايم ڪيو ايم جو احتجاج
You might also like