اسلام آباد (طلعت حسين) سنڌ اسيمبلي ۾ منظور ڪيل قرارداد پاڪستان جي سياسي ڍانچي ۾ هڪ اهڙي "بم” جو ڪم ڪيو آهي، جنهن جي ڌمڪ ۽ ٿرٿلو پوري نظام ۾ محسوس ڪيو پيو وڃي. هي رڳو هڪ صوبائي دستاويز ناهي، پر هڪ اهڙو سياسي ڌماڪو آهي، جنهن وفاق ۽ مقتدر حلقن جي ايوانن ۾ لرزش پيدا ڪري ڇڏي آهي. هن قدم ذريعي پيپلز پارٽي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته اها وفاقي نظام لاءِ هڪ اهڙي چئلينج طور اڀري آهي، جنهن کي هاڻي نظرانداز ڪرڻ ممڪن ناهي رهيو. سنڌ جي ورهاڱي جي معاملي تي پاڪستان پيپلز پارٽي جو لهجو رڳو سياسي مخالفت کان وڌي هڪ اهڙي انتهاپسنداڻي جذباتي بيانيي ۾ تبديل ٿي چڪو آهي، جتي مفاهمت جي گنجائش ختم ٿيندي نظر اچي رهي آهي. هن ڀيري اها رڳو عام ڪارڪنن جي آواز نه هئي، پر آصف علي زرداري جي ڀينرن، فريال ٽالپر ۽ عذرا پيچوهو سميت پوري زرداري خاندان هڪ زبان ٿي هن موقف جي تائيد ڪئي آهي. قرارداد جي حق ۾ 114 اسيمبلي ميمبرن جو بيهڻ ان ڳالهه جي شاهدي آهي ته هي پوري جماعت جو هڪ متفقه ۽ حتمي فيصلو آهي. "سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه ٿيندي ته وزارت کي لت هڻنداسين، ميمبرشپ کي لت هڻنداسين، سياست کي لت هڻنداسين، ۽ وقت پيو ته پنهنجي جان به ڏئي ڇڏينداسين. سنڌ جا ماڻهو هن معاملي ۾ انتهائي سخت آهن، صوبو نه ٺهندو، نه ٺهندو، نه ٺهندو.” هي لفظ ان نئين سياسي حڪمتِ عملي جي عڪاسي ڪن ٿا، جتي اقتدار ۽ عهدن جي اهميت ثانوي ٿي چڪي آهي ۽ ’’ڌرتي ماءُ‘‘ جو تحفظ پهرين ترجيح بڻجي ويو آهي. جي يو آءِ جي سنڌ قيادت پيپلز پارٽي جي موقف جي مڪمل توثيق ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي حد تائين نون صوبن جو باب هاڻي هميشه لاءِ بند ٿي وڃڻ گهرجي. تحريڪِ انصاف جي اڳواڻ سلمان اڪرم راجا هن معاملي کي هڪ نئون رخ ڏيندي واضح ڪيو ته ’’زور ۽ زبردستي سان اهي فيصلا نٿا ڪرائي سگهجن.‘‘ هن نه رڳو عوامي مرضي جي ڳالهه ڪئي، پر ’واهن جي معاملي ۽ سنڌ جي پاڻي تي سنڌين جي حق کي به هن بيانيي جو حصو بڻائي ڇڏيو، جيڪو مقتدر حلقن لاءِ هڪ واضح پيغام آهي. هن پوري منظرنامي ۾ آصف علي زرداري جي روايتي خاموشي کي سندس هڪ گهري سياسي چال سمجهيو پيو وڃي. ظاهري طور اهو محسوس ٿئي ٿو ته هي شديد عوامي دٻاءُ ۽ احتجاج زرداري صاحب جي بارگيننگ پوزيشن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پيدا ڪيو ويو آهي، جيئن هو مقتدر حلقن سان بهتر شرطن تي سوديبازي ڪري سگهي. تنهن هوندي به، هتي هڪ وڏو تضاد موجود آهي؛ زرداري صاحب پنهنجي لاءِ سوديبازي جي گنجائش ته پيدا ڪري ورتي آهي، پر سياسي طور پاڻ کي هڪ اهڙي بند گهٽيءَ ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي، جتان واپسي جو رستو هاڻي ناممڪن آهي. جڏهن توهان ريڊ لائينز جو جن بوتل مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ٿا، ته ان کي ٻيهر بند ڪرڻ محال ٿي وڃي ٿو، ۽ هاڻي هو هن معاملي تي ڪا به رعايت ڏيڻ جي پوزيشن ۾ نه رهيا آهن. پيپلز پارٽي جو هي قدم هڪ سوچي سمجهي ججمنٽ ڪال آهي. جڏهن هنن ڀانپي ورتو ته اسٽيبلشمينٽ طرفان دٻاءُ وڌي رهيو آهي، ته هنن وقت کان اڳ ٽپو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. هڪ طرف پارٽي تي ناقص طرزِ حڪمراني ۽ ڪرپشن جي سنگين الزامن جو دٻاءُ آهي، ته ٻئي طرف هنن هڪ پاپولر نيشنلسٽ ڪارڊ کيڏي پاڻ کي محفوظ ڪري ورتو آهي. پيپلز پارٽي اهو حساب لڳايو آهي ته موجوده پنجن سالن واري اقتدار جي دور جي فڪر ڪرڻ بدران، کين ايندڙ 20 کان 25 سالن جي سياست کي بچائڻو آهي. هو ڄاڻن ٿا ته سنڌ ۾ اها ئي جماعت زنده رهندي جيڪا سنڌ جي سرحدن جي محافظ بڻجي بيهندي، نه اها جيڪا اسٽيبلشمينٽ جي نقشِ قدم تي هلندي. تاريخي طور وفاق جي علامت سمجهي ويندڙ پيپلز پارٽي هاڻي مڪمل طور سنڌي قومپرستن جو محاورو اختيار ڪري چڪي آهي. هي تبديلي ڪا اتفاقي ڳالهه ناهي، پر سياسي بقا جي هڪ اڻ ٽر ضرورت آهي. اڄ سنڌ ۾ هڪ اهڙي لهر پيدا ڪئي وئي آهي، جتي پاڪستان پيپلز پارٽي، جي يو آءِ سنڌ، سنڌي قومپرست جماعتون ۽ پاڪستان تحريڪِ انصاف جا اهم عنصر هڪ ئي صف ۾ بيٺل آهن. پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي ورهاڱي خلاف جيڪو محاذ کوليو آهي، اهو ڪنهن وڏي سياسي طوفان جو پيش خيمو ثابت ٿي سگهي ٿو. ٻلي هاڻي ٿيلهي مان ٻاهر اچي چڪي آهي، بلڪه اهو چوڻ درست ٿيندو ته هي رڳو ٻلي ناهي، پر هڪ تمام وڏو ٻلو آهي، جنهن جا ننهن تمام تيز آهن ۽ اهو هاڻي اسٽيبلشمينٽ کان حساب ڪتاب رهڙي پٽڻ لاءِ تيار آهي. هاڻي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ڇا قومپرستي جي هيءَ ڍال پيپلز پارٽي کي ان جي انتظامي ناڪامين تي ٿيندڙ تنقيد کان بچائي سگهندي، يا وري پنهنجن تيز ننهن سان هي ٻلو اسٽيبلشمينٽ سان هڪ اهڙي سڌي ٽڪراءَ ڏانهن وڌندو، جتان واپسي جو ڪو به رستو نه هوندو؟ هن سياسي بساط تي هاڻي سمجهوتي جي جاءِ تمام ٿوري باقي بچي آهي.