ميرٽ جي لتاڙ خلاف احتجاج ڪندڙن کي ڌمڪيون، سومر تي هر حال ۾ مارچ ٿيندو: اڳواڻ

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميرٽ جي لتاڙ خلاف سنڌ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪميٽيءَ جي احتجاجي ڪيمپ ڪالھ 43ھين ڏينهن به جاري رھي .  سنڌ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر شاگرد اڳواڻ زبيع الله مستوئي  احتجاجي ڪيمپ تي صحافين سان ڳالهائيندي  چيو آھي ته  ميرٽ جي لتاڙ ۽  ڪرپشن خلاف نسيم نگر چوڪ کان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ھيڊ آفيس سامھون ڪيمپ تائين ريلي ۽ شمس العلماءُ دائودپوٽو لائبريري کان ميرٽ جو جنازو ڪڍڻ کان پوءِ ھاڻي 7 سيپٽمبر تي سنڌ  يونيورسٽي کان  پريس ڪلب ڄامشورو تائين ريلي ڪڍي ويندي. ھن چيو ته مون کي مقصد تان ھٽائڻ  لاء ڌمڪيون ملي رهيون آهن. ۽ گھڻن ئي  ماڻھن کي منھنجي پويان به بڇيو ويو آهي. ھن چيو ته پنهنجن مطالبن کان پوئتي نه هٽنداسين. ھڪ مهيني کان وڌيڪ عرصو گذري ويو آھي هي جدوجهد ميرٽ، انصاف ۽ سنڌ جي شاگردن جي حقن لاءِ جاري رهندي.اسان سنڌ جي هر شاگرد جي آواز جي حيثيت سان  جدوجھد جي ميدان تي بيٺا آهيون . الٽيميٽم کان پوءِ، ايندڙ احتجاجي تحريڪ جو طريقو حالتن مطابق طئي ڪيو ويندو، سي ايم هائوس، بائي پاس، ڪراچي يا پريس ڪلب  ھجي  اسان پنهنجي آواز کي هر لاڳاپيل فورم تي کڻي وينداسين. جمعي ڏينهن سنڌ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪميٽيءَ جي  احتجاجي ڪيمپ تي مختلف سياسي سماجي تنظيمن ۽ سول سوسائٽيءَ جي نمائندن جي وفدن اچي شاگردن سان يڪجھتي جو اظھار ڪيو اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪميٽيءَ جي اڳواڻن، وجاھت ھنگورجو، فخرالزمان کوهارو، سڪيلڌو چانڊيو حمايت ڪندڙ ڌرين جا ٿورا مڃيا آھن

You might also like