نظر جي ڪمزوري اڄڪلهه عمر جو مسئلو ناهي رهيو، خاص ڪري موبائل اسڪرين جي لڳاتار استعمال سبب ننڍي عمر جي ٻارن کي به عينڪ پائڻي پئجي وڃي ٿي، نظر گهٽ ٿيڻ جا سبب الڳ الڳ هوندا آهن، اڇي موتئي جي ڪري نظر گهٽ ٿيڻ ۽ عينڪ پائڻ لاءِ ته هي نسخو هڪ ٽِپ سمجهيو ويندو آهي ۽ ناليوارا قديمي حڪيم پنهنجي سٺي نظر توڙي اکين جي نور جي مسئلن جو شڪار مريضن لاءِ بهترين ۽ اهم نسخو اهو ئي ٻڌائيندا آهن جنهن جو اڄ اسان هتي ذڪر ڪنداسين.
پنروا/پنروانا جڙي ٻوٽي ملڪ جي مختلف حصن ۾ ٿيندي آهي ان جا ساوا پَن ڦودني جي پنن وانگر لَسا ٿيڻ بدران کُهرا هوندا آهن ۽ ان جي پاڙ آڱر جهڙي ٿُلهي وڙ وڪڙن وانگر ٿيندي آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته پنروا جڙي ٻوٽي جا پَن جا اها ٻوڙي پاڙ سوڌي پيهي ان جو پائوڊر ٺاهي، ان جو اڳرو ذائقو ختم ڪرڻ لاءِ ضرورت موجب مٺاڻ جهڙوڪ کنڊ يا ماکي استعمال ڪري انکي محفوظ ڪيو وڃي.
ان پائوڊر جو هڪ چمچو نيراني خالي پيٽ کائڻ اسان اکين جي نظر تيز ٿيندي آهي ۽ عينڪ واري ماڻهن کان عينڪ ڇڏائجي ويندي آهي.
ان ئي جڙي ٻوٽي کي بسکپرا به چيو ويندو آهي جڏهن ته اها ئي جڙي ٻوڙي ڪُٽي ان جي رَس ڪڍي اکين به سڌي ريت هڪ ڦڙو وجهي به استعمال ڪئي ويندي آهي، اها اکين ۾ فوري طور تي ٿورو ساڙو ته محسوس ڪرائيندي آهي تنهن باوجود به اکين جي خارش، مِٽي ۽ اکين جي ڦڪاڻ کي ختم ڪري نظر وڌائڻ لاءِ انتهائي معجزاتي جڙي ٻوٽي سمهجيو ويندو آهي.
ان ٻوٽي جو انگريزي نالو Boerhavai Diffusa چيو ويندو آهي.
اهو حڪيمن جي نسخن ۾ استعمال ٿيندڙ تمام بهترين نسخو آهي تنهن باوجود به ميڊيڪل سائنس ۾ ان جي فائدن بابت ڪا به تحقيق ناهي ڪئي انڪري انکي اکين ۾ سڌي ريت استعمال ڪرڻ بدران جيڪڏهن خالي پيٽ هڪ چمچي وارو نسخو استعمال ڪيو وڃي ته ڪنهن امڪاني نقصان کان محفوظ رهي سگهجي ٿو.
جيئن ته اسان اڳ ۾ ئي چئي آيا آهيون ته نظر گهٽ ٿيڻ جا سبب مختلف هوندا آهن ان سان گڏ هر ڪنهن جو جسماني نظام پنهنجي حساب سان الڳ رد عمل ڏيکاريندو آهي، اهو به ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن کي اڳ ۾ ئي ڪنهن تيز ذائقي واري شيءِ کان الرجي هجي ۽ اکين ۾ سڌي ريت ان جي استعمال سان انکي الرجي ٿي وڃي انڪري ان جڙي ٻوٽي جو استعمال اکين ۾ ڪرڻ بدران خالي پيٽ چمچي وارو ئي بهتر رهندو يا ان لاءِ ڪنهن ماهر کان مشورو وٺڻ به انتهائي ضروري آهي.