عهدو، تعلق يا سفارش ڪنهن کي نه بچائي سگهندي، ڪرپشن ڪندڙن خلاف ڪارروائي ٿيندي: مريم نواز

لاهور(عوامي آواز نيوز)پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته پنجاب ۾ هاڻي ڪرپشن لاءِ ڪا گنجائش، ڪا پناهه ۽ ڪا رعايت باقي نه رهي آهي. ڪرپشن ۽ رشوت جي ناسور خلاف لوهه جو هٿ استعمال ڪري ڇڏيو آهي ۽ زيرو ٽالرنس جو حڪم ڏنو ويو آهي.ڪرپشن جي نشاندهي لاءِ خاص ڳجهي سيل قائم ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي رپورٽ سڌي ريت مون کي ڏني پئي وڃي.عوام جي شڪايتن لاءِ هيلپ لائن 1350 قائم آهي. شڪايت ڪندڙ جو نالو مڪمل طور ڳجهو رکيو ويندو ۽ هر شڪايت تي ڪارروائي ڪئي ويندي.عهدو، تعلق يا سفارش ڪنهن کي به بچائي نه سگهندي. ڦر ڪيل رقم جي مڪمل واپسي تائين ڪارروائي ختم نه ٿيندي.

You might also like